لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي، نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻي، ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن ۽ وائيس فار مسنگ پرسنز پاران بئنڪ اسڪوائر کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي جناح باغ چوڪ وٽ پهتي جتي نٽهڻ اُس ۾ مظاهرين پنهنجي پيارن جون تصويرون، پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي. بعد ۾ ريلي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي کنڀي گم ڪيلن جي وارثن طرفان ڪئمپ ڪري شام پنجين وڳي تائين مسلسل ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪري سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي وائيس فار مسنگ پرسنز جي اڳواڻ شازيه چانڊيو، کنڀي گم ڪيلن جي وارثن اقصيٰ دايو، افسانه دايو، مسرت سحر دايو، شبانه جوڻيجو، شهزادي جوڻيجو، آڪاش ٽڳڙ، عبدالڪريم ٽڳڙ، عبداللطيف سولنگي، عزيز احمد لاشاري، ساجد ڪانڌڙو، سجاد جوڻيجو، نصيب الله کوسو ۽ ٻين چيو ته اسان جي پيارن جي کنڀجڻ کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن ۽ انهن مان هر سال جي هر ڏينهن، رات توڙي هر پل ۾ اسين روز جيئون ۽ روز مرون ٿا پيا، پنهنجي پيارن جي آزاديءَ لاءِ اسان سخت جي مختلف شهرن جي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪياسين پر هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. هنن چيو ته لاڙڪاڻي مان انصاف دايو کي 29 مئي 2017ع تي، پرائمري استاد ڪاشف ٽڳڙ کي 3 آگسٽ 2018ع تي، رفيق عمراڻي کي 8 سيپٽمبر 2018ع تي، مرتضيٰ سولنگيءَ کي 2 نومبر 2017ع تي، ڏوڪري مان شاهد جوڻيجو کي 5 آگسٽ 2017 تي، مرتضيٰ جوڻيجو کي 7 مئي 2017 تي، خيرپور ميرس ضلعي مان ايوب ڪانڌڙو کي 8 فيبروري 2017ع تي، ڪراچيءَ مان پٺاڻ خان زهراڻي کي 11 نومبر 2019ع تي، سيد مسعود شاهه کي 20 سيپٽمبر 2019ع تي، 30 جولاءِ 2017ع تي گلشير ٽڳڙ کي، 12 جنوري 2014ع تي الله وڌايو مهر کي، شهدادڪوٽ مان 17 سيپٽمبر 2015ع تي سهيل ڀٽي کي، بدين مان 24 مئي 2017ع تي شادي خان سومرو کي، ڪنڌڪوٽ مان پهرين فيبروري 2016 تي ڊاڪٽر فتح محمد کوسو کي، 25 اپريل 2017ع تي فقير اعجاز ڳاهو کي، نوشهروفيروز مان عمران جوکيو، پهرين جنوري 2014ع تي موهن مينگواڙ کي ۽ ڪفايت جتوئي کي کنڀي گم ڪيو ويو هو جن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن اسان جي پيارن مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪنهن به قسم جو ڪو ڪيس داخل آهي ته کين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي پر سالن کان وٺي کين قيد ۾ رکي اسان کان جيئڻ جو به حق کسيو ويو آهي. هنن چيو ته اسان جي پيارن جي کنڀجڻ کان بعد ڪيترن ئي جا ماءُ، پيءُ توڙي ٻيا گهر ڀاتي هي فاني جهان ڇڏي هليا ويا پر اسان جي پيارن کي سندن جو آخري ديدار به نصيب نه ٿيو ۽ اسان ڪيتريون ئي عيدون پنهنجي پيارن کان بغير ڪيون آهن هاڻي اسين وڌيڪ پنهنجي پيارن کي قيد ۾ ڏسڻ نه ٿا چاهيون ڇاڪاڻ پنهنجي پيارن کي ياد ڪري اسان جي اکين جا ڳوڙها به سُڪي ويا ۽ سندن جون واٽون نهاريندي اسين ٿڪجي چڪا آهيون. هنن چيو ته اسان جا پيارا پنهنجي ڌرتيءَ سان محنت ڪن ٿا ۽ هو ڪنهن به اهڙي غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث نه آهن پر ان جي باوجود کين کنڀي سالن کان وٺي قيد ڪري ظلم ڪيو ويو آهي. هنن وزيراعظم، صدر پاڪستان، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي اسان کي جيئري موت واري زندگيءَ کان ڇوٽڪارو ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.