لاڙڪاڻي ۾ پي ايس 11 تي اڄ دنگل، جميل سومري ۽ معظم عباسي ۾ چوٽيءَ جي مقابلي جو امڪان، فوج مقرر

لاڙڪاڻو:-  لاڙڪاڻي شهر جي صوبائي تڪ پي ايس 11 لاڙڪاڻو ٽو تي اڄ 17 آڪٽوبر ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي جنهن ۾ مجموعي طور تي 152614 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا جنهن ۾ 83016 مرد ۽ 69598 عورت ووٽر شامل آهن. ننڍي چونڊ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار جميل احمد سومرو جو مقابلو گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اميدوار ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي. ڄاڻايل تڪ تان گذريل عام چونڊن ۾ جي ڊي اي جو اميدوار معظم علي عباسي 32206 ووٽ کنيا هئا جنهن جي مقابلي ۾ پيپلز پارٽي اميدوار ندا کهڙو 21825 ووٽ کڻي سگهي هئي جنهن کي معظم علي عباسي 10381 ووٽن تان شڪست ڏئي پيپلز پارٽي جو ڳڙهه سمجهيو ويندڙ لاڙڪاڻي شهر جي تڪ تان ڪاميابي ماڻي هئي. پي ايس 11 لاڙڪاڻو ٽو 15 يونين ڪاميٽين ۽ 60 وارڊن تي مشمل آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان پي ايس لاڙڪاڻو ٽو تي ننڍي چونڊ جا انتظام مڪمل ڪندي 138 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. جنهن ۾ 44 مردن، 43 عورتن ۽ 52 گڏيل پولنگ اسٽيشنون شامل آهن جڏهن ته ڄاڻايل پولنگ اسٽيشنن تي مردن جا 258 ۽ عورتن جا 235 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن. اهڙي ريت تڪ جي 20 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس، 50 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ۽ 68 پولنگ اسٽيشنن کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن طرفان اڄ پولنگ اسٽيشنن تي بيلٽ باڪس، بيلٽ پيپر سميت ٻيو سامان پهچائڻ وارو عمل جاري رهيو. اليڪشن ڪميشن طرفان حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائڻ سان گڏ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. سمورن پولنگ اسٽيشنن اندر ۽ ٻاهر پاڪ فوج جا جوان مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته رينجرس سان گڏ 1400 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار پڻ ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا.