لاڙڪاڻي ۾ ناريءَ سان ڏاڍائي، اولاد ٿيڻ جو انڪشاف، فوت ٿيل ٻار جا جزا وٺڻ لاءِ قبرڪشائي

لاڙڪاڻو :- لاڙڪاڻي ۾ نوجوان ناري سان جنسي ڏاڍائي جو واقعو پيش آيو آهي، ناري پاران جوابدار مان اولاد ٿيڻ جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف، آپريشن جي ٻن ڏينهن بعد معصوم ٻار فوت ٿيڻ جو قصو به سامهون اچي ويو، جوابدار جي پيءُ جي درخواست تي فوتي ٻارڙي جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جڊيشل مئجسٽريٽ ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم جي موجودگيءَ ۾ قبر ڪشائي ڪئي وئي، فوتي ٻار ۽ جوابدار جا جزا ليباريٽري ڏانهن اماڻيا ويندا. رپورٽ موجب ڪجهه مهينا اڳ لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد گاد گهٽي واري علائقي ۾ نوجوان ناري دعا بتول کي مبينا طور جوابدار رضا علي گاد پاران جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو جنهن ڪري 5 مهينا اڳ دعا بتول کي آپريشن ذريعي ٻار ڄائو جيڪو ٻه ڏينهن زندهه رهڻ بعد فوت ٿيو هو. جڏهن ته اهڙو ڀانڊو ڦاٽڻ کانپوءِ مبينا جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل نوجوان ناري دعا بتول گاد جي فرياد تي اهڙو ڪيس 26 اپريل 2019 تي ايف آءِ آر نمبر 2019/46 قلم 376، 506، 338 بي تحت جوابدار رضا علي گاد ۽ چئن عورتن مٿان حيدري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو جنهن کانپوءِ پوليس ڪاروائي ڪري مُک جوابدار رضا علي گاد کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو هو. فريادڻ ناري ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو هو ته جوابدار علي رضا گاد پنج مهينا اڳ مون سان زبردستي پسٽل جي زور تي جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻائيندو هو جنهن مان مون کي ٻار ٿيو ۽ اهو ٻار ٻن ڏينهن تائين زندهه هو جنهن کان پوءِ هو فوت ٿي ويو، علي رضا مون کي شادي جا ڏٽا ڏيندو رهيو جيڪو هاڻي مون کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف حيدري ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام مصطفيٰ ابڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري دعا بتول جي فرياد تي جوابدار رضا علي گاد مٿان زيادتي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي جنهن کان پوءِ کيس گرفتار ڪيو ۽ جاچ دوران جوابدار جي پيءُ محمد اعظم گاد پنجين جڊيشل مئجسٽريٽ وٽ درخواست داخل ڪرائي هئي ته فوتي ٻارڙي جي ڊي اين اي ڪرائي وڃي ڇاڪاڻ جو منهنجو پٽ جنسي ڏاڍائي ناهي ڪئي سندس مٿان الزام لڳايو ويو آهي. اهڙي درخواست داخل ٿيڻ کان پوءِ پنجين جڊيشل مئجسٽريٽ ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم جي موجودگيءَ ۾ معصوم فوتي ٻار جي قبر جي ڪشائي ڪري جزا ورتا ويا آهن اهڙي طرح ناري دعا بتول ۽ جوابدار جا به جزا ورتا ويندا ۽ انهن جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جزا ليباريٽري ڏانهن اماڻيا ويندا، اهڙي رپورٽ اچڻ کان پوءِ اصل حقيقت معلوم ٿي سگهندي. ايس ايڇ او ٻڌايو ته وڌيڪ هن معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن ان واقعي ۾ ٻيو ڪير به ملوث هوندو ته ان کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.