لاڙڪاڻي ۾ مائٽن جو معذور بيواهه عورت تي وحشاڻو تشدد

لاڙڪاڻو :- لاڙڪاڻي ۾ سڱاوتي معاملي تي معذور بيواهه عورت کي مائٽن سخت تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪري ڇڏيو، معذور بيواهه عورت علاج لاءِ اسپتال داخل، زخمي بيواهه عورت مائٽن خلاف ڪاورائي جي گهر ڪري ڇڏي آهي. ن سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد سبزي منڊي واري علائقي جي عرضي ڀٽو پاڙي جي رهواسڻ معذور بيواهه عورت ناهيد ڀٽو کي سندس ئي مائٽن سڱاوتي معاملي تان گهر ۾ گهڙي ڪهاڙين جا ڳن ۽ معذورن واري گهوڙي جي لٺ سان سخت تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي سندس پٽن زخمي حالت ۾ کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي تشدد جو نشانو بڻيل معذور عورت ناهيد ڀٽو ميڊيا آڏو دانهيو ته چار سال اڳ منهنجي ڌيءُ ياسمين جي شادي نوجوان شهمير احمد ڀٽو سان ٿي هئي جنهن کي 6 مهينا اڳ ساهرن ڪارنهن جو ڪوڙو الزام ڏنو ۽ ڌيءُ مهيني کان وٺي مون وٽ رهائش ڪئي هئي. هن الزام لڳايو ته سڱاوتي معاملي تان ڀيڻويي محمد شريف، سندس گهر واري ماهه ناز، ان جي ڌي سويرا ۽ ٻين گهر ۾ گهڙي مون کي ڪهاڙين جا ڳن ۽ معذورن واري گهوڙي جي لٺ سان سخت تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته تشدد جو نشانو بڻائيندڙ ڀيڻويي ۽ سندس گهر ڀاتين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيل عورت ناهيد اسپتال داخل آهي جتان سندس جو بيان رڪارڊ ڪري معاملي جاچ ڪئي ويندي جيڪڏهن ڪو به ملوث هوندو ته متاثر عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.