لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ جو ريلوي انتظاميا خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو:- عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مھراڻ سنڌي، حورالنساءِ پليجو ۽ ايڊوڪيٽ وسند ٿري حڪومت طرفان 10 مئي تي ريلوي گاڏيون هلائڻ واري حڪم جاري ڪرڻ واري قدم جي مذمت ڪندي وفاق طرفان ملڪ ۾ ڪرونا وبا کي ڦهلائڻ جي سازش قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته جيستائين ملڪ ۾ ڪرونا وبا جي ڦهلاءَ تي اطمينان جوڳي ڪنٽرول واري صورتحال پيدا نه ٿي ٿئي تيستائين ٽرينن کي کولڻ واري فيصلي کي فوري طور واپس ورتو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هنن چيو ته اهو ممڪن نه آهي ريلوي اسٽيشنن ۽ گاڏين ۾ شهرين جي پيهه ۽ ايس او پيز تي عمل ٿي سگهندو جنهن جا مثال احساس پروگرام ۽ بينڪن ۾ نظر اچي رهيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت هڪ منصوبه بندي تحت ملڪ ۾ ڪرونا وبا کي ڦهلائي عالمي سامراج جي ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪئي آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته وفاق ۽ سنڌ ۾ ڪرونا جي ڦهلاءَ کي روڪڻ کي راند جو ميدان ۽ مذاق بڻايو پيو وڃي جنهن جا اٽلي ۽ آمريڪا کان وڌيڪ صورتحال خراب ٿي ويندي.