لاڙڪاڻي ۾ شاگرد اڳواڻ حفيظ پيرزاديءَ جي آزاديءَ لاءِ مظاھرو

لاڙڪاڻو:- موهن جو دڙو ڀرسان ٻلهڙيجي ڳوٺ مان کنڀي گم ڪيل اڳوڻو شاگرد اڳواڻ حفيظ پيرزادو جي آزاديءَ لاءِ سندس ڀائرن ۽ مائٽن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي رميز پيرزادو، شهباز پيرزادو پنهنجي ٻين مائٽن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل رات 3 وڳي ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس سان گڏ ساده لباس پهريل اهلڪارن چادر ۽ چوديواري جو تقدس پئمال ڪندي گهر تي چڙهائي ڪري وڏي ڀاءُ حفيظ پيرزادو کي ننڊ مان اٿاري کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسان جي ڀاءُ حفيظ پيرزادو کي سال 2015ع ۾ به کنڀي گم ڪرڻ بعد ٽي سال قيد ۾ رکيو ۽ سال 2018ع ۾ بيڏوهي ثابت ٿيڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو. هنن چيو ته ڀاءُ حفيظ پيرزادو قومپرست سياست کي ڇڏي اباڻي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ پنهنجيون زمينون سنڀاليندو هو ۽ هو ڪنهن به ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ناهي پر ان جي باوجود کيس بيگناهه کنڀي گم ڪري اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون. هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ کي آزاد ڪرائي اسان کي اذيت واري زندگي مان نجات ڏياري وڃي.