لاڙڪاڻي ۾ تڪ پي ايس يارنهن جي اميدوارن جميل سومرو ۽ معظم عباسي وچ ۾ سخت مقابلو، ووٽن جي ڳڻپ جاري

Election officials count votes after polling stations closed during the general election in Karachi, Pakistan, July 25, 2018. REUTERS/Akhtar Soomro

لاڙڪاڻو : خميس 17 آڪٽوبر 2019ع،  لاڙڪاڻي جي تڪ پي ايس 11 تي هلندڙ ننڍي چونڊ تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن جميل سومرو ۽ معظم عباسي وچ ۾ سخت مقابلو غير سرڪاري غير حتمي نتيجن جو سلسلو جاري آهي۔

جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ڊي آر او آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويو جتي سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي ان حوالي سان  138 پولنگ اسٽيشنن مان 88 پولنگ اسٽيشنن جا غير حتمي نتيجن موجب جي ڊي اي اميدوار معظم علي خان عباسي پاران 88 پولنگ تي 20474 ووٽ کڻي اڳتي آهي۔

جڏهن ته پ پ پ اميدوار 17297 ووٽ کڻي پهتي آهي اهڙي طرح ٻنهي اميدوارن ۾ سخت مقابلو هلندڙ آهي