لاڙڪاڻي مان گُم ٿيل نوجوان جو قمبر لڳ لاش هٿ، ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي، ڪيس داخل نه ٿيو

قمبر:- قمبر لڳ لاڙڪاڻي مان گم ٿي ويل نوجوان جو هٿ پير ٻڌل لاش هٿ سڃاڻپ بعد وارثن حوالي ڪيس داخل ٿي نه سگهيو خبر موجب قمبر جي ماهي مڪول ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ منڌو خان چانڊيو ڀرسان زرعي زمين ۾ پلال جي کري ڀرسان پيل لاش ڏسي ڳوٺاڻن پولس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد حد جي پوليس نوجوان جي لاش کي قمبر اسپتال کڻائي آئي هٿ آيل نوجوان جا هٿ پويان ٻڌل هئا جڏهن ته منهن تي به ڪپڙو ٻڌل هيو لاش ڪافي ڏينهن پراڻو هئڻ ڪري سڄي ۽ ڳري ويو هيو ڪيترائي ڪلاڪ لاش اسپتال پيل رهيو اهڙي خبر اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هلڻ بعد لاڙڪاڻه واسي علي جان سومرو قمبر اسپتال پهچي سندس سڃاڻپ ڀاءُ محمد نواز سومرو طور ڪئي ان سلسلي ۾ علي جان سومرو ٻڌايو ته اسين لاڙڪاڻه جي ميروخان چوڪ جا رهواسي آهيون منهنجوڀاءُ 28 سالن جو محمد نواز چنگچي رڪشا هلائيندو هيو 8 ڏينهن اڳ گهران روزگار لاءِ نڪتو هيو واپس نه ٿيڻ تي سندس ڳولا ڪئي ته چنگچي لاڙڪاڻي جي رحمت پور ٿاڻي مان لاوارث حالت ۾ ملي هئي اڄ ٽي وي تي خبر ٻڌڻ بعد قمبر سول اسپتال پهچي لاش جي سڃاڻپ ڪئي منهنجي ڀاءُ کي ظالمن بيگناهه قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي هوڏانهن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ٻڌايو ته لاش پراڻو هجڻ سبب ڳري ۽ سڄي ويو هيو جڏهن ته نوجوان جي هڪ ڄنگهه ڀڳل هئي لاش جا جزا ڪڍي ليبارٽري اماڻيا ويندا پوسٽ مارٽم بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.