لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان پرائمري استاد ڪاشف ٽڳڙ جي آزاديءَ لاءِ گهرڀاتين جو احتجاج

لاڙڪاڻو :-  لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان پرائمري استاد ڪاشف ٽڳڙ جي آزاديءَ لاءِ ڀاءُ آڪاش ٽڳر ۽ سندس 3 ورهين جي ڌيءُ جويره ٽڳڙ ۽ ٻين گهر ڀاتين سان گڏجي ٻئي ڏينهن به نوجوان جون تصويرون کڻي پريس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي آڪاش ٽڳڙ صحافين آڏو دانهيو ته منهنجو ڀاءُ ڪاشف ٽڳڙ پرائمري استاد هجڻ سان گڏ قانون جي بالادستي تي يقين رکندڙ شهري آهي جنهن کي گذريل سال 3 آگسٽ رات دير سان ايوب ڪالوني مان کنڀي گم ڪيو ويو هو جنهن جي آزاديءَ لاءِ اسان ڪيترائي ڀيرا احتجاجي مظاهرا ڪيا پر ان جي باوجود ڀاءُ جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڀاءُ ڪاشف ٽڳڙ مٿان ڪو ڪيس آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي سندس جي کنڀجڻ بعد ان جا معصوم ٻارڙا ۽ گهر واري سميت ٻيا گهر ڀاتي سخت اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. آءُ ملڪ جي وزيراعظم، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سميت عالمي ادارن ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته ڀاءُ ڪاشف ٽڳڙ کي آزاد ڪرائي گهر ڀاتين ۾ ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.