لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان شاگرد عاقب چانڊيو جي آزادي لاءِ وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو :- لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان عاقب چانڊيو جي وارثن ڳالھائیندي چيو تہ عاقب چانڊيو گذريل سال 30مئي کان کنڀي گم ڪيو ويو آھي جنھن جو ڪو بہ ڏس پتو ناھي، سندس والده بيماري واري حالت ۾ پنهنجي اولاد جي بازيابي لاءِ لڙڪ لاڙيندي رهي ٿي پر سندن دانهن ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، ھنن وڌيڪ چيو تہ اسان چيف جسٽس آف پاڪستان سان پڻ مليا آھيون جنھن جي خاطري کان بعد بہ اسان جو ڀاء بازياب نہ ٿيو آھي. ھنن اعلي ادارن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي تہ اسان جي ڀاءُ کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي.