لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان انصاف دايو جي آزادي لاءِ ڀينرن جو پريس ڪلب آڏو احتجاج

لاڙڪاڻو :- لاڙڪاڻي ۾ کنڀيل ڀاءُ جي آزادي لاءِ ڀينرن جي احتجاج کي هڪ مهينو مڪمل، ڪورونا وائرس پکڙجڻ ڪري لاڪ ڊائون سبب گهر ۾30 ڏينهن مسلسل احتجاج ڪندڙ ڀينرن اقصيٰ بتول، افسانا دايو، نصرت دايو لاڙڪاڻي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته اسان جي ڀاءُ انصاف دايو کي لاڙڪاڻي جي نظر پاڙي مان 29 مئي 2017ع تي کنڀيو ويو، جيڪو اڃا تائين گم آهي، اسان ڪورونا وبا جي ڪري سماجي وٿي برقرار رکندي پنهنجي گهر ۾ 30 ڏينهن ڀاءُ جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو، اڄ پريس ڪلب آڏو دانهن کڻي پهتيون آهيون ته ڀاءُ انصاف دايو جي جبري گمشدگي کي 29 مئي تي 3 سال مڪمل ٿيندا، اسان ڀاءُ جي آزادي لاءِ لانگ مارچ سميت حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين شهرن جي پريس ڪلب آڏو مسلسل احتجاج ڪيا آهن، پر ڪنهن به وس واري اداري، عدالتن اسان نياڻين جي احتجاج جو ڪو به نوٽيس ناهي ورتو، اسان جي ماءُ روشن آرا پٽ جي وڇوڙي ۾بيمار ٿي پئي آهي، گهر ڀاتين سميت سمورو خاندان انصاف جي کنڀجي وڃڻ کانپوءِ انتهائي ڏک ۾ ورتل آهي، اسان ڀينرون عيد تي پنهنجي ڀاءُ جي آزادي جو انتظارڪري رهيون آهيون، اسين سنڌ حڪومت توڙي وفاقي سرڪار سميت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ چيف آف آرمي اسٽاف کي اپيل ٿيون ڪيون ته اسان جي ڀاءُ انصاف دايو کي فوري طور تي آزاد ڪري اسان جي اکين جا لڙڪ اگهيا وڃن. ٻي صورت ۾ ڀاءُ جي آزادي تائين احتجاج جاري رهندو.