لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل شاگرد عاقب چانڊيو آزاد ٿي گهر پهچي ويو

رياستي ادارن طرفان کنڀي گم ڪيل نوجوان شاگرد عاقب چانڊيو 16 مهينا پنهنجي وارثن کان پري قيد خاني ۾ بند هو، اڄ جڏهن هو آزاد ٿي گهر پهتو ته سندن وارثن  ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي، سنڌ جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته شاگرد عاقب چانڊيو جي آزادي کانپوءِ اسين گُهر ڪيون ٿا ته سمورا کنڀي گم ڪيل آزاد ڪيا وڃن.