لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل درزي جي آزادي لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيل درزي نوجوان محمد رفيق عمراڻي جي آزادي لاءِ وارثن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي نوجوان جي ڀاءُ عبداللطيف عمراڻي پنهنجي وارثن غلام رسول عمراڻي، حسين بخش عمراڻي، قربان علي عمراڻي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته منهنجو ڀاءُ نوجوان محمد رفيق عمراڻي نظر محلا ۾ درزي جو دڪان هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو هو جنهن کي گذريل سال 8 سيپٽمبر 2018ع تي دڪان مان کنڀي گم ڪيو ويو هو جنهن کي 19 مهينا ٿي ويا آهن پر ان جي باوجود کيس آزاد ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري سندس جا معصوم ٻارڙا ۽ ٻيا گهر ڀاتي سخت اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوجوان محمد رفيق عمراڻي کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي