لاڙڪاڻي مان ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر 9 مهينن کانپوءِ آزاد ٿي گهر پهچي ويو

لاڙڪاڻو:  لاڙڪاڻي مان ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر 9 مهينن کانپوءِ آزاد ٿي گهر پهچي ويو، شيخ ڪالوني جي رهواسي پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي رات دير سان گهر پهچي ويو. پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو جي گهر پهچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇائجي وئي ۽ مٽ مائٽن پهچي کيس گلن جا هار پارايا. ياد رهي ته پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙي کي اڳ به 8 مهينا کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ بازياب ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر کيس کنڀي گم ڪيو ويو هو.