لاڙڪاڻي مان ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو جي آزادي لاءِ وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو :- لاڙڪاڻي مان ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسرغلام شبير ڪلهوڙو جي آزاديءَ لاءِ سندس وارثن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي علي رضا ڪلهوڙو، محمد فياض ڪلهوڙو، ثمران علي ڪلهوڙو، روشن علي ڪلهوڙو، امتياز علي ڪلهوڙو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال 8 سيپٽمبر تي پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙي کي کنڀي گم ڪيو ويو هو جنهن کي 18 مئي تي آزاد ڪيو ويو پر 8 مهينا 11 ڏينهن جي آزاديءَ کان پوءِ ٻيهر کيس 28 جون رات دير سان سندس شيخ زيد ڪالوني واري رهائشگاهه تان کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هنن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل پروفيسرغلام شبير ڪلهوڙو جي آزاديءَ لاءِ جوڳا قدم کڻي کيس آزاد ڪرايو وڃي.