لاڙڪاڻي جي علائقن ۾ ٽيلي ميڊيسن شروع ڪئي وئي آهي: ڊاڪٽر اشوٿاما

حيدرآباد :- باڊه رورل هيلٿ سينٽر سميت لاڙڪاڻي ضلعي جي صحت مرڪزن بنگل ڌيرو ۽ آريجا ۾ٽيلي ميڊيسن سروس شروع ڪئي وئي آهي. صحت سروس جي هن جديد طريقي سان هفتي جا ست ئي ڏينهن، شام  توڙي رات جي وقت ڪنهن به پهر، انهن هيلٿ مرڪزن تي ايندڙ مريضن کي آءِ ايڇ ايس جي ٽيلي ميڊيسن ڪلينڪ تي موجود تجربيڪار ۽ ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر علاج ۽ دوائون تجويز ڪندا. جيڪي کين ڄاڻايل ٽنهي صحت مرڪزن تي مهيا ڪيون وينديون. ٽيلي ميڊيسن وسيلي علاج جي سهولت حاصل ڪرڻ جو آسان طريقو آهي. جڏهن به ڪو مريض مرد، عورت يا ٻار ڪنهن به تڪليف سبب انهن رورل هيلٿ سينٽرن ۾ ايندو. ان وقت اسپتال ۾ موجود ميڊيڪل اسٽاف جنهن کي ٽيلي ميڊيسن جي خصوصي سکيا ڏني وئي آهي. مريض کان تفصيلي طور سندس بيماري متعلق معلومات وٺندو. ان سان گڏ مريض جو ٽيمپريچر، بلڊ پريشر وغيره به چيڪ ڪندو. اها سڄي ڪاروائي هيلٿ سينٽر تي رکيل ڪمپيوٽر ڪيميرائن جي وسيلي، ٻئي طرف انٽرنيٽ وسيلي ڳنڍيل ٽيلي ڪلينڪ تي ويٺل ڊاڪٽر۽ ڊاڪٽرياڻيون سڌو سنئون ڏسي رهيا هوندا آهن. اهي مريضن کان سندس تڪليف متعلق وڌيڪ پڇا ڪرڻ ۽ کين بيماري جي باري ۾ ڄاڻ به ڏيندا. ٽيلي ڊاڪٽر، هيلٿ سينٽر ۾ آيل مريضن لاءِ،  فوري نوعيت جون ليبارٽري ٽيسٽون يا ايڪسري به تجويز ڪري سگھن ٿا. جيڪي انهن هيلٿ مرڪزن تي موجود ٽيڪنيشن سرانجام ڏيندا آهن. انهن رپورٽن جي آڌار تي علاج ۽ دوائون تجويز ڪيون وينديون آهن. جيڪي پڻ مريضن کي مفت مهيا ڪيون وينديون آهن. آءِ ايڇ ايس جي ميديا ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر اشوٿاما  علاج جي ان جديد ٽرينڊ جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته آءِ ايڇ ايس پاران رنگ اي ڊاڪٽر پروجيڪٽ تحت اها سروس ڪافي عرصي کان جاري رکيو پئي اچي، پر هاڻوڪي ڪورونا وائرس واري صورتحال ۾ انجي اهميت اڃان به گھڻي وڌي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته لاڪ ڊائون سبب ماڻهن لاءِ ٽرانسپورٽ ۽ آمدرفت جا وسيلا محدود ٿي ويا آهن. ساڳئي وقت تجربيڪار طبي عملي، خاص طور ليڊي ڊاڪٽرن جو ايمرجنسي ۾ ايندڙ عورت مريضن لاءِ هروقت آن لائين ميسر هجڻ سان کين طبي مدد ممڪن بڻائي سگھجي ٿي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽيلي ڪلينڪ جي ڊاڪٽرن کان انهن رورل هيلٿ سينٽر جي عملي جي معرفت ڪورونا جي باري ۾ ڄاڻ وٺڻ سان گڏ اگر ڪي علامتون ظاهر ٿيڻ تي علاج ۽ احتياط جي باري ۾ مشورا به وٺي سگھجن ٿا.