لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاهڙيل نوجوان وئڪسين نه هجڻ ڪري ماءُ جي هنج ۾ دم ڏئي ڇڏيو

لاڙڪاڻي کي پئرس بڻائيندڙ حڪمران لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ مريضن کي به سهولتون نه ڏئي سگهيا، شڪارپور کان آيل لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاهڙيل نوجوان ويڪسين نه هجڻ ڪري نوجوان مير حسن ابڙو  ڪمشنر آفيسر لاڙڪاڻو جي ٻاهريان ماءُ جي هنج ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سرڪاري اسپتالن ۾ وئڪيسين سميت دعوائن جي به کوٽ بڻيل آهي