لاڙڪاڻو: سرڪاري دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي، دوائن جا 26ڪارٽن هٿ

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻو پوليس جي سرڪاري دوائون وڪرو ڪندڙ گروهه خلاف ٽين ڪاروائي، لکين روپين جي ماليت جي سرڪاري دوائن جا 26 ڪارٽون هٿ، معاملي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي ايم ايس آفيس جي 14 ملازمن کي طلب ڪري سندن جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا، جي آءِ ٽي پاران ڊي ايڇ او ۽ ايم ايس کي ليٽر لکي گهربل رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد درگاهه قائم شاهه بخاري ڀرسان قبرستان ۾ اي ايس پي سٽي رضوان طارق ۽ اي ايس پي فيصل چوڌري جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ايڇ او سول لائين اسلم پرويز ابڙو پوليس سان گڏجي ڪاروائي ڪري سرڪاري دوائن جا 26 ڪارٽون هٿ ڪري سول لائين ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان اي ايس پي سٽي رضوان طارق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳجهي اطلاع تي درگاهه قائم شاهه بخاري ڀرسان قائم هڪ قبرستان تي ڪاروائي ڪري سرڪاري دوائن جا 26 ڪارٽون هٿ ڪيا ويا آهن جنهن ۾ قيمتي ٽيبليٽ شامل آهن جن جي ماليت لکين روپيا آهي. هن ٻڌايو ته سرڪاري دوائن واري معاملي بابت جوڙيل جوائنٽ انوسٽيگيشن ٽيم طرفان ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ آفيس جي 14 ملازمن کي طلب ڪري انهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا ان کان بعد ڳجهي نموني سرڪاري دوائون لڪائڻ جو اطلاع پوليس کي مليو جنهن تي هي ڪاروائي ڪئي وئي آهي ۽ سرڪاري دوائن وڪرو ڪندڙن خلاف وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته جي آءِ ٽي طرفان ڊي ايڇ او ۽ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ کي ليٽر لکيو ويو آهي ته هو اسان کي گهربل رڪارڊ فراهم ڪري سهڪار ڪن. هن چيو ته پوليس مسلسل سرڪاري دوائون چوري ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪاروائين ۾ مصروف آهي جنهن ڪري مافيا سرگرم ٿي سرڪاري دوائون لڪائڻ ۾ مصروف ٿي وئي آهي پر پوليس اهڙي ڪاروبار ۾ ملوث ڪنهن به ماڻهو کي بخش نه ڪندي.