لاڙڪاڻو: رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ حاضري تي ويندڙ نوجوان کي هٿياربندن ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن طرفان ايس ايس پي چوڪ وٽ لاش رکي ڌرڻو

لاڙڪاڻو : لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ حاضري تي ويندڙ نوجوان کي هٿياربندن ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته اهڙي واقعي کان پوءِ نوجوان جي وارثن طرفان ايس ايس پي چوڪ وٽ لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو. رپورٽ موجب رحمت پور ٿاڻي جي حد ايس ايس پي آفيس ڀرسان حاضري تي ويندڙ باقراڻي جي ڳوٺ غلام حسين شاهھ واسي 24 سالا نوجوان راشد ٽڳڙ کي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڊوڙائي ڊوڙائي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته اهڙي واقعي جو اطلاع شهرين پاران حد جي رحمت پور ٿاڻي تي ڏنو ويو ۽ حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش کڻائي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد سندس وارثن حوالي ڪيو. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ هيو ته ڪجھه وقت اڳ نوجوان راشد ٽڳڙ ناري نجمه ٽڳڙ سان راولپنڊي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هيو، جنهن کان پوءِ راڄوڻي ذريعي مقتول نوجوان جي وارثن ناري کي سندس وارثن ڏانهن واپس پڻ ڪيو ويو هيو، جڏهن ته اڄ نوجوان ڪيس جي سلسلي ۾ حاضري تي ڪورٽ سڳوري طرف وڃي رهيو هيو ته ٻن موٽرسائيڪل سوار جوابدارن سندس مٿان.حملو ڪيو ۽ هو قتل ٿي ويو، هوڏانهن اهڙي واقعي کان پوءِ مقتول نوجوان جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو پڻ هنيو ويو، جتي هنن نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.