لاهور ڌماڪي ۾ ملوث جوابدارن جي ويجهو پهچي ويا آهيون: شيخ رشيد

اسلام آباد:- وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پنجاب پوليس جوهر ٽائون ڌماڪي جي جاچ ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پنجاب پوليس جوهر ٽائون ڌماڪي جي جاچ ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. پوليس جوابدارن جي ويجهو پهچي چڪي آهي. پنجاب پوليس جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري عوام کي سٺي خبر ٻڌائيندي.شيخ رشيد چيو ته افغانستان بارڊر تي اسان 86 سيڪڙو ۽ ايران بارڊر تي 46 سيڪڙو فينسنگ ٿي وئي آهي. پاڪستان ڪڏهن به ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه ايندو. جيڪي ماڻهو ملڪ ۾ انتشار پکيڙي پاڪستان کي دٻاءُ ۾ آڻڻ چاهين ٿا اهي ناڪام ويندا. گهرو وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام آيو آهي. پاڪستان جي دشمنن کي اها ڳالهه نٿي وڻي. دشمنن دهشتگردي واري رستي تي هلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو ناڪام ويندا.پاڪستان جي عوام پاڪ فوج سان ملي هن ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جو سفر جاري رکندي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ٿيندڙ ڌماڪي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. جڏهن ته ڌماڪي سبب 3 گاڏيون ۽ 3 موٽر سائيڪلون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا هئا جڏهن ته هڪ رڪشي کي معمولي نقصان پهتو هو