لاهور واقعي خلاف سنڌ جا ڊاڪٽر سراپا احتجاج، ڪارو ڏهاڙو ملهائي مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڪراچي:- لاهور ۾ اسپتال تي حملي خلاف سنڌ جا ڊاڪٽر سراپا احتجاج، ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا. تفصيل موجب حيدرآباد جي ينگ ڊاڪٽرن ايسوسيئشن پاران سول اسپتال، قاسم آباد، لطيف آباد ۾ ڀٽائي اسپتال، ڪوهسار اسپتال سميت شهر جي ننڍين وڏين اسپتالن ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي مظاهرا ڪيا، جڏهن ته  وارڊن ۽ او پي ڊي جو علامتي بائيڪاٽ ڪيو ويو. مظاهرن کي پي ايم اي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري پير منظور، لال جعفر، گلزار جماڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ميرپورخاص ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل ايسوسئشن پاران ڊاڪٽر چيتن داس، ڊاڪٽر افضل لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيرا ميڊيڪل ايسوسئيشن جي سڏ تي چانڊڪا اسپتال جي ڊاڪٽرن پاران سول اسپتال جي سٽي او پي ڊي ٻاهران ڊاڪٽر اڪرام تنيو، ديالي گل، ڊاڪٽر گلزار تنيو، غفار سانگي، فاروق شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو. دادو سول اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف طرفان ٻانهن تي ڪارو پٽيون ٻڌي ڊاڪٽر امجد مستوئي، امتياز چانڊيو، ڊاڪٽر ظهور شيخ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته لاهور ۾ دل جي مرض واري علاج جي اسپتال ۾ وڪيلن دهشتگردي ڪئي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن ۽ مريضن سميت تيماردارن تي تشدد انسانيت سوز واقعو برداشت جوڳو نه آهي. هنن چيو ته جهڙي طرح وڪيل ڊاڪٽرن تي تشدد ڪيو، پر ان دوران پنجاب حڪومت جي انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل هجڻ مذمت جوڳو عمل آهي. ان جو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي. ڊاڪٽرن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته معاملي جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي حملو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آڻي ڊاڪترن کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.