لاهور هاءِ ڪورٽ چوڌري شگرملز ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مريم نواز جي ضمانت واري درخواست منظور

لاهور:- لاهور هاءِ ڪورٽ چوڌري شگرملز ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس باقر نجفي جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 2 رُڪني بئنچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. عدالت مريم نواز کي پنهنجو پاسپورٽ ۽ هڪ هڪ ڪروڙ روپين جا 2 مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.ياد رهي ته عدالت 31 آڪٽوبر تي ڌُرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو. مريم نواز طرفان چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪيو ۽ بيمار والد جي سار سنڀال لهڻ لاءِ سندس ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.20 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز پنهنجو پاسپورٽ سرينڊر ڪندي يعني جمع ڪرائيندي ۽ ملڪ کان ٻاهر نه ويندي. مريم نواز والد جي سار سنڀال لهڻ خاطر ضمانت وٺڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جڏهن ته ٻڌڻيءَ دوران نيب جي وڪيل انساني بنيادن جي آڌار تي مريم نواز جي ضمانت جي مخالفت ڪئي هئي. جڏهن ته  ايڊووڪيٽ امجد پرويز انساني همدردي جي بنياد تي ضمانت ڏيڻ جي استدعا ڪئي هئي.