لاهور هاءِ ڪورٽ نوازشريف جي طبي بنياد  تي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي

لاهور:- لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طبي بنياد  تي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي چوڌري شوگر مل ڪيس ۾ فوري ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم جون ميڊيڪل رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪيون ويون جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف هاءِ بلڊ پريشر ۽ شوگر جو مريض آهي، سندس گڙدا به خرام آهن جڏهن ته 2 ڀيرا آپريشن به ٿي چڪو آهي، ميڊيڪل بورڊ جي ميمبرن جو تعداد 6 مان وڌائي 10 ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته حتمي طور تي نه ٿا چئي سگهون ٿا نواز شريف کي ڪهڙي بيماري آهي.

ميڊيڪل بورڊ جي سربراهه ڊاڪٽر محمود اياز عدالت کي ٻڌايو ته نواز شريف جي بيماري جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي پر اڃان تائين حتمي نتيجي تي ناهيون پهچي سگهيا، نواز شريف کي پليٽليٽس لڳايا ويندا آهن جيڪي 24 ڪلاڪن ۾ ختم ٿي ويندا آهن، نواز شريف کي شوگر، بلڊ پريشر، يورڪ ايسڊ، دل جي بيماري سميت ٻيون طبي پيچيدگيون آهن جڏهن ته 30 هزار پليٽ ليٽس ٿيڻ تائين نواز شريف سفر نه ٿو ڪري سگهي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻڌڻي ۾ وقفي کانپوءِ فيصلو ٻڌايو جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وئي جڏهن ته ان موقعي تي نيب طرفان ضمانت جي مخالفت نه ڪئي وئي.