مني لانڊرنگ ۽ اثاثا ڪيس ۾ نيب هٿان شهباز شريف گرفتار، ن ليگ مان ش الڳ نه ٿيندو: مريم نواز

لاهور :- مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست رد ٿيڻ بعد نيب اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي گرفتار ڪري ورتو، لاهور هاءِ ڪورٽ ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد شهباز شريف جي ضمانت درخواست رد ڪئي، جنهن بعد عدالتي احاطي ۾ موجود نيب ٽيم شهباز شريف کي گرفتار ڪري ورتو، شهباز شريف جي گرفتاري دوران وڏي تعداد ۾ ليگي اڳواڻ ۽ ڪارڪن دالت موجود هئا، ليگي ڪارڪنن طرفان قيادت جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي، هوڏانهن مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته شهبازشريف کي ڀاءُ سان وفاداريءَ جي سزا ملي رهي آهي، نون مان شين ۽ شين مان ميم ڪڍندڙن جو دانهون نڪري ويون آهن، هن سميت ڪنهن کي به گرفتار ڪيو وڃي پر آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ٿيل فيصلن تي مڪمل عمل ٿيندو، هاڻي تحريڪ جي سربراهي نوازشريف پاڻ ڪندو. پارٽي صدر شهبازشريف جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتاريءَ کانپوءِ ليگي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو ته افسوسناڪ ڏينهن آهي، هي اڳ ئي فيصلو لکي آيا هئا ته شهبازشريف کي گرفتار ڪرڻو آهي. هن چيو ته شهبازشريف خاندان کي ظلم جو نشانو بڻائڻ باوجود پنهنجي ڀاءُ سان ساٿ نه ڇڏيو، سندس گهرواري  ۽ پٽن کي اشتهاري بڻايو ويو، ڪورونا وائرس ٿيڻ باوجود حمزا جيل ۾ آهي، شهبازشريف  کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ڏني پئي وڃي. مريم نواز چيو ته نيب کي بي آر ٽِي، بلين ٽري سونامي ۽ عمران خان جو گهر نظر نه پيو اچي، شهبازشريف جي نالي سوين فرنچائز ناهن نڪتيون، هن چئي ڇڏيو ته کيس ڀلي پڪڙيو، پر هو ڀاءُ سان گڏ بيهجندو. ن ليگ جي نائب صدر چيو ته ڪجهه به ٿئي پر نون مان شين ڌار نه ٿيندو پر مخالفن جو دانهون نڪرنديون. سندس چوڻ هو ته نوازشريف کان 10 سوال    مذاق ۽ سوال ڪندڙن به مذاق آهي. مريم نواز چيو ته اڻ تجربيڪار شخص کي قوم تي مڙهيو ويو آهي، عمران خان مهلت کي چالاڪي نه سمجهي، ن ليگ حڪومت لاءِ ميدان خالي نه ڇڏيندي، عمران خان کي اهڙيءَ ريت ئي سپورٽ ڪيو ويو ته ڳالهه ن ليگ جي هٿن مان به نڪري ويندي. ن ليگ جي نائب صدر چيو ته عمران خان چيو پيو ته مخالف ڌر استعيفيٰ ڏي ته هو ننڍي چونڊ ڪرائيندا، کيس ايتري مهلت ڪٿي ملندي؟سندس چوڻ هو ته عمران خان ڊپ آهي ته شهبازشريف متبادل ٿي سگهي ٿو، ادارا  اڻ تجربيڪار شخص کي قوم تي مڙهڻ بابت سوچن، عمران خان کان وڌيڪ ڪنهن به ادارن کي بدنام ناهي ڪيو. مريم نواز چيو ته شهبازشريف ٽيهن ورهين کان مفاهمت جي سياست ڪئي آهي، پر جڏهن به نوازشريف جو فيصلو ايندو آهي ته سڀ کان پهريا عمل شهبازشريف ڪندو آهي. ن ليگ جي نائب صدر چيو ته ن ليگ نوازشريف جي آواز تي لبيڪ چوي ٿي، هوءَ قوم کي خوشخبري ڏي ٿي ته هاڻي نوازشريف سموري قوت سان ن ليگ جي قيادت ڪندو. ان موقعي تي ن ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو ته شهبازشريف کي نيب گرديءَ ذريعي گرفتار ڪيو ويو، سندس گرفتاري قوم لاءِ بدترين الميو آهي. هن چيو ته  هو وفاقي سرڪار کي تنبيهه ٿو ڪري ته گلگت بلتستان جو ووٽر ن ليگ جي مينڊيٽ جي حفاظت ڪندو. احسن اقبال چيو ته ون پارٽي رياست قائم ڪرڻ لاءِ مخالف ڌر کي گهـــُـٽو ڏنو پيو وڃي