لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو سيد امجد شاهه کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪرڻ تي هڙتال جو اعلان

لاهور :- لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسويئيشن سيد امجد شاهه کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪرڻ تي هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاڪستان بار ڪائونسل جي چيئرمين سيد امجد شاهه کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي تازي مقرري جي حوالي سان پنهنجن خيالن جي اظهار سبب توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪرڻ خلاف سومر تي احتجاج طور عدالتي ڪارروائي جو مڪمل بائيڪاٽ ۽ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. بار جا وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيندا ۽ بار روم جي اندر احتجاجي اجلاس منعقد ڪيو ويندو.