قومي ۽ طبقاتي فڪر جي سنگمي تخليقڪار رسول بخش پليجي جي ٻي ورسي ملهائي وئي

حيدرآباد :- عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي ٻي ورسي گذريل ڏينهن عوامي تحريڪ طرفان سادگي سان ملائي ويئي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي آرگنائيزر لال جروار جي اڳواڻي ۾ حورالنساءِ پليجو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، ايڊووڪيٽ وسند ٿري، جي اين کوسو، گل حسن ڪيڙانو، اسماعيل خاصخيلي، نور احمد ڪاتيار، مٺا خان لاشاري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جي مرڪزي آرگنائيزر عمره سمون، مريم گوپانگ، سڀاني ڏاهري، سيبياڻي برهماڻي، آمنه ڪيڙانو، بيگم زنئور، ڊاڪٽر ماروي پليجو، ڊاڪٽر شبانه پليجو، سلمه لاشاري، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، انور رند، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر نور محمد ٽالپر جي اڳواڻ ۾ ڳوٺ منگر خان پليجو لڳ جنگشاهي ۾ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي آخري آرامگاهه تي گلن جون چادرون چاڙهي سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار ڳالهائيندي چيو ته رسول بخش پليجي سڄي زندگي پورهيت ۽ مسڪين عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. جيلن ۾ قيد ڪيو ويو. هو سنڌ جي پاڻي جي ڪيس جو وڪيل هو، پليجي صاحب برصغير ۾ سنڌياڻي تحريڪ جهڙي تنظيم جوڙي، جنهن تنظيم آمرن سان مقابلا ڪيا. هن چيو ته رسول بخش پليجي جو فڪر عالمي انسان ذات جي نجات ۽ برابري جو فڪر آهي. رسول بخش پليجي صاحب کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ عوامي تحريڪ طرفان سوشل ميڊيا ٽوئيٽر تي ٽربيوٽ ٽو رسول بخش پليجو  #TributeToRasoolBuxPalijo جي نالي سان هيشٽيگ هلائي ويئي جنهن ۾ ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر رهندڙن لکن جي تعداد ۾ رسول بخش پليجي صاحب کي ڀيٽا پيش ڪئي. مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ ۽ رسول بخش پليجي صاحب جي ذاتي دوست سيد مشاهد حسين سيد پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته رسول بخش پليجو کاٻي ڌر جو تمام وڏو اڳواڻ هو، هو تمام وڏو ڄاڻو ۽ ساڃاهه وند اڳواڻ هو، هو بين الاقوامي لاڳاپن خاص طور تي پاڪ چين لاڳاپن جي معاملن ۾ تمام وڏو ڄاڻو هو.اانساني حق ۽ سينيئر سياسي اڳواڻ افراسياب خٽڪ چيو ته پليجي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات 1976ع ۾ حيدرآباد جيل ۾ ٿي، جتي هن اسان جو ڪيس وڙهيو، ڪجهه عرصي کان پوءِ هو پاڻ سياسي جدوجهد ڪرڻ جي نتيجي ۾ گرفتار ٿيو، هو بهادري سان ضياءِ مارشل لا خلاف وڙهيو ۽ زندگي جو وڏو عرصو قيد ۾ گذاريو. ملڪ جي ناليواري سماجي اڳواڻ سرور باري چيو ته پليجو صاحب سدائين چوندو هو ته هڪ انقلابي کي هڪ سپاهي، عالم، فقير، عاشق ۽ درويش ضرور هجڻ کپي. هو پيار ڪندڙ عظيم انسان هو. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته رسول بخش پليجو هيٺئين طبقي سان واسطو رکندڙ سياسي اڳواڻ هو، ڪنهن جاگيردار، گادينشين، موروثي سياسي خاندان ۾ پيدا نه ٿيو هو، ان ڪري سندس رستا روڪ ڪئي ويئي. پليجي صاحب سڄي زندگي وقت، قوم کي ارپي ڇڏي، اهڙا ڪردار پيدا ٿيڻ ۾ صديون لڳنديون آهن. عوامي ورڪز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهو پنهنجي پيغام ۾ چيو ته رسول بخش پليجو گهڻ پڙهيو رهنماءَ، ڪمال جو مقرر، نظرياتي ۽ عملي سياست تي هڪ ئي وقت عملي مهارت رکندڙ، قومي، طبقاتي ۽ صنفي سوال جي هڪڙائي، منظم پارٽي، عورتن جي تنظيم ڪاري جهڙا پورهيا سنڌ جي عوامي مذاحمتي سياست ۾ منفرد مقام بخشين ٿا. اسان سندس ٻي ورسي تي کيس سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. شهيد فاضل راهو جي فرزند ۽ پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته رسول بخش پليجو هڪ سياسي مفڪر، بي مثال ليکڪ، مقرر جنهن پنهنجين تحريرن ۽ تقريرن وسيلي مون سميت هزارين سياسي ڪارڪنن جي نه فقط ذهني اوسر ۾ واڌارو ڪيو. ان سان گڏ ترقي پسند ۽ روشن خيال ادب ۽ سياست ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيا. قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنهنجي پيغام  ۾ چيو ته رسول بخش پليجو صاحب سنڌي سماج ۾ سياسي طور تي عورتن کي منظم ڪري تمام وڏو ڪم ڪيو آهي. سنڌ جي عورتن کي مردن سان گڏ سياسي جدوجهد ۾ شامل ڪرڻ جو ڪريڊيٽ رسول بخش پليجي کي وڃي ٿو. ڊاڪٽر عرفانه ملاح پنهنجي پيغام ۾ چيو ته رسول بخش پليجي صاحب سياسي پارٽين ۾ اسٽيڊي سرڪل جي روايت مضبوطي سان رائج ڪئي، مزدورن هارين ۽ عورتن جي سياسي تعليم ۽ تربيت ڪري طبقاتي جدوجهد، پدرشاهي، قبائلي وڏيرا شاهي کي للڪارڻ جي همٿ ڏني. سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وجهڻ سندس وڏي ۾ وڏو ڪارنامو آهي. ان کان سواءِ ٻين ڪيترن کي سياسي، سماجي اڳواڻن، ڪارڪنن، اديبن، دانشورن، شاعرن، صحافين، وڪيلن، شاگردن سوشل ميڊيا تي رسول بخش پليجي بابت پيغام ڏنا. ٻئي پاسي حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ طرفان سنڌ جي ڏاھي، عظيم مفڪر، دانشور، قانوندان رسول بخش پليجو جي ٻي ورسي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ تقريبون ڪوٺائي تصويرن آڏو گل نڇاور ڪري ۽ سلامي پيش ڪري شاندار ڀيٽا پيش ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪراچي جي علائقي گلستان جوھر ۾ تقريب ٿي، جنھن کي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، نائب صدر فرحان لاڙڪ،مقصود سومرو، ايڊووڪيٽ اختيار چنا، ايڊووڪيٽ ديدار چنا ۽ ٻين خطاب ڪيو. حيدرآباد ۾ سينيئر نائب صدر ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، ساٿي مصطفيَ نظاماڻي، آغا عباس پٺاڻ، شوڪت سريوال ۽ ٻين ڪارڪنن رسول بخش پليجي صاحب جي تصوير کي سلامي پيش ڪري گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي. ميرپورخاص ۾ تقريب ٿي، جنھن کي ڪامريڊ ڪرڙ لٻاري، عبدالمجيد ٻگھيو، مصطفيَ جانياڻي، عطاءُ ﷲ نوحاڻي، حميد ڪنڀر، علڻ گورچاڻي، يعقوب اوٺو خطاب ڪيو. ملڪاڻي شريف ۾ شاھد ڪلوئي، شاھد جروار، سونا رام ۽ ٻين تقريب ڪري ڀيٽا پيش ڪئي. ٺٽي ۾ مرتضي لاشاري، ياسر جاکرو ۽ ٻين جنگشاھي پھچي سلامي پيش ڪئي. شاھپورچاڪر پريس ڪلب ۾ ورسي تقريب ٿي، جنھن کي مرڪزي اڳواڻ علي مردان کوسو، محمود رخشاڻي، ضلعي صدر امداد چنہ ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڪڙيو گھنور ۾ بچل احمداڻي، نھال خان نوحاڻي، اصغر نوتڪاڻي، گيانچند مھيشوري تقريب ڪوٺائي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ۽ رسول بخش پليجي جي تصوير آڏو گل نڇاور ڪري سلامي پيش ڪئي. ميھڙ ۾ منور جتوئي جي صدارت ۾ پروگرام ٿيو، جنھن کي حبيب چانڊيو، سرمد جتوئي، عبدالنبي چانڊيو، ايڊووڪيٽ وحيد لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪيو. مورو ۾ خان سومرو جي صدارت ۾ ورسي تقريب ٿي، جنھن کي نازن عالماڻي، غوث ٻگھيو، نور نبي ٻگھيو، حاجي مشتاق سومرو ۽ خطاب ڪيو. گھوٽڪي ۾ ورسي تقريب کي لطف ميان شر، سنڌياڻي تحريڪ جي خالده پروين، نبي بخش ڀٽو، امام بخش ملڪ، ممتاز ميراڻي، ڪامريڊ حسين ملڪ، عبدالحسين شر، تراب شر، علي شير پهوڙ ۽ ٻين خطاب ڪيو. نصير آباد، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، سکر، ٺري ميرواھ،باھو کوسو ۽ ٻين شھرن ۾ ڪرونا وائرس سبب مختصر تقريبون ڪوٺائي ۽ پريس ڪلبن اڳيان عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي تصويرن آڏو گل نڇاور ڪري ۽ سلامي پيش ڪري کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو تہ رسول بخش پليجي سنڌ جي عوام کي وقار سان جيئڻ سيکاريو، ھارين، مزدورن ۽ عورتن کي جدوجھد ذريعي سنڌ جو حقيقي محافظ بڻايو، پليجو صاحب سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن جو سپھه سالار ھو، هن  ڪرپشن، آمريت، انتھاپسندي ۽ عوام دشمن جاگيرداري ۽ سرمائيداري ظلم خلاف جنگ جو نالو ھو. هو ھڪ فرد نه پر اداري جو نالو آھي، پليجو صاحب اھا يونيورسٽي ھو جنھن سنڌ جي عوام کي عالمي ادب، ترقي پسندي، روشن خيالي، انسان دوستي، مظلوميت جو طرفدار، انتھاپسندي، ڪرپشن خلاف ۽ رات جي رھزنن سان وڙھڻ سيکاريو. مظھر راھوجي چيو تہ پليجي صاحب ون يونٽ، ضيا شاھي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ کان وٺي ھر حڪومت ۾ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف تاريخي جدوجھدون ڪيون. منور جتوئي چيو تہ رسول بخش پليجو علم دوست شخصيت هو، هو  جسماني طور ته اسان کان جدا ٿيو آھي پر سندس نظريو ۽ ڪارڪن ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ آھن. اڳواڻن چيو تہ رسول بخش پليجو فن، علم ۽ ادب، تاريخي دور اندريشن جي جنگي حڪمت عملين جي ڄاڻ رکندڙ هو، سنڌ جو فڪري علمي، ادبي ۽ انساني اصولن جو پاسدار هو ۽ ان سان گڏ انسان دوست هو. منور جتوئي چيو تہ رسول بخش پليجي صاحب جو درس هو تہ پاڪستان جا سمورا ماڻهو گڏجي ملڪ کي بچائين. رسول بخش پليجو سنڌ ۽ پاڪستان جو مشهور قانوندان اسڪالر، محقق، مفڪر، اديب، نقاط ۽  دانشور هو. رسول بخش پليجي صاحب جو وڇوڙو سنڌ لاءِ وڏو خال آهي، جيڪو صدين تائين نٿو ڀري سگهجي. سنڌ کي پليجي صاحب تي فخر رهندو، سندس جدوجهدون سنڌ جي شعور کي اتساھ پيدا ڪنديون رھنديون. ڊاڪٽر گلزار جماڻي چيو تہ رسول بخش پليجي سنڌ جي سياست ۾ معجزا ڪيا، رسول بخش پليجي ڪمزور ۽ پيڙھيل طبقي جي عورتن، ھارين، مزدورن، ٻارن ۽ شاگردن کي ناقابل شڪست سياسي طاقت بنايو. ھن ڌرياء تي 150 سالن کان لڳندڙ ڌاڙن، ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال منصوبن خلاف سکر، ڀٽ شاھ، ڪنڌڪوٽ ۽ حيدرآباد کان ڪراچي تائين وڏيون لانگ مارچون ڪري سنڌ جو پاڻي ڪيس عالمي ۽ ملڪي سطح تي پھچائي سنڌ دشمن سازشن کي ھميشہ لاءِ ناڪام ڪري ڇڏيو آھي. علي مردان کوسو چيو تہ رسول بخش پليجي ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪارونجھر تائين ڳوٺ ڳوٺ، شھر شھر، گام گام سياسي علم، ڏاھپ، شعور جي لاٽ ٻاري سنڌ جي عوام کي عالمي سياست، ادب، انقلاب سان جوڙيو. پليجي صاحب سنڌ ۽ ملڪ دشمن سازشن، دھشتگردي، ڪالاباغ ڊيم، آمريت، انتھاپسندي، ڪاروڪاري، قبيلائي دھشتگردي ۽ ٻين مسئلن تي عورتن، ٻارن، مزدورن، ھارين کي جدوجھد جي ميدان تي آندو. خان سومرو چيو تہ ملڪي تاريخ جي بيمثال ايم آر ڊي تحريڪ رسول بخش پليجو صاحب جي اڳواڻي کانسواءِ نتيجا خيز ثابت نھ ٿئي ھا.  عالمي سامراجي طاقتن ۽ انھن جي مقامي ڇاڙتن پاڪستان ۽ سنڌ کي پنھنجن مقامي ايجنٽن ذريعي اڏو بنائڻ چاھيو ته رسول بخش پليجي انھن سازشن کي بي نقاب ڪري دھشتگردن کي وائکو ڪيو.