قومي عوام تحريڪ جو ھاري آبادگار ڪانفرنس 3 نومبر بدران 16 نومبر تي ڪوٺائڻ جو فيصلو

حيدرآباد :- قومي عوامي تحريڪ جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس اياز لطيف پليجو جي صدارت ۾ بي 38 پرنس ٽائون قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. جنھن ۾ انور نوحاڻي، علي مردان کوسو، فرحان لاڙڪ، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر گلزار جماڻي۔ روشن ڪنراڻي، منصور لاکو، الطاف خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ھاري آبادگار ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. ھاري آبادگار ڪانفرنس جي تيارين تي اطمعنان جو اظھار ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ھاري آبادگار ڪانفرنس 3 نومبر بدران ھاڻ 16 نومبر تي ڪئي ويندي، جنھن ۾ ملڪ ۽ سنڌ ۾ ھاري حقن لاءِ جدجھد ڪندڙ اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون ويون آھن. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ درياھ تي ڌاڙيل واھ چشما جھلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال فوري طور بند ڪيا وڃن، سنڌو درياھ تي پاڻي تي ڌاڙي لاءِ ڪو به ڊيم قبول ناھي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڦٽين ۽ سارين جا ھٿ وٺي اگھه ڪيرايا ويا ۽ غير قانوني ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. نومبر کان شگر ملون ھلايون وڃن، آبادگارن کي 3 ارب روپين کان وڌيڪ بقايا ڏني وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته ملڪ ۾ غير يقيني واري صورتحال آھي، خراب معاشي پاليسين جي ڪري بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھن، ھر حڪومت ۾ ملڪ ۽ عوام جي دولت کي لٽيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي، حڪمرانن ھٿ وٺي زراعت کي تباھ ڪيو آھي، ملون ۽ ڪارخانا حڪمرانن جا ھجڻ ڪري ھر لھندڙ فصل جا اگھه ڪيرايا وڃن ٿا.  وزير، ايم پي اي، ايم اين اي ۽ ٻيا طاقتور ماڻھو ٿورو گھڻو ملندڙ پاڻي چوري ڪري وڃن.