قومي عوامي تحريڪ طرفان ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

حيدرآباد:-  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو آھي ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ڪندڙ گرفتار ڪيا وڃن. تاريخي ماڳن کي مسمار ڪرڻ جون سازشون ڪندڙ قانون جي گرفت ۾ آندا وڃن. خودڪشي بزدلي آهي، بيروزگار نوجوان ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪري اڳتي وڌن. ڪراچي سميت وڏن شهرن جي مارڪيٽن ۾ پير ڄمائين. حڪمرانن جو آسرو نه ڪرڻ گهرجي، نوجوانن وٽ تعليم ۽ روزگار کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. اياز لطيف پليجي چيو ته جيلون ڏوهن جون فيڪٽريون بنيل آهن، انهن کي اصلاح گهر بنايو وڃي. معمولي ڪيسن جا جوابدار سالن کان قيد ۾ آهن، ضمانتون ٿيڻ باوجود شوئرٽي نه هجڻ ڪري قيد ڪاٽيندڙ غريب جوابدارن کي رعايت ڏئي آزاد ڪيو وڃي. جيلن ۾ قيدين جو نفسياتي ماهرن کان علاج ڪرائي انهن کي ڏوهن جي دنيا کان آزاد ڪرايو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته نفسياتي بيمارين جي علاج لاءِ بنيادي صحت مرڪزن ۾ ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ڪندڙ گرفتار ڪيا وڃن. تاريخي ماڳن کي مسمار ڪرڻ جون سازشون ڪندڙ قانون جي گرفت ۾ آندا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو ته چئني صوبن ۾ بجلي جي برابر لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي. بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين ۾ ويٺل ڪرپٽ عملدار بجلي چوري جا ذميوار آهن. اهي هيٺ تائين نظام کي ٺيڪ ٿيڻ نٿا ڏين. جنهنڪري بجلي چوري ٿئي ٿي ۽ عام صارف کي ڳرا بل موڪليا وڃن ٿا. بجلي سستي ٿيڻ سان چوري بند ٿي ويندي