قومي تحريڪ خلاف آپريشن کي تيز ڪري 40 سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي:سنڌ سجاڳي فورم

مسوڀرڳڙي:-  سنڌ سجاڳي فورم پاران گڏيل بيان ۾ چيو ويو آھي ته ڪجھه ڏينھن کان سنڌ اندر ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ جي قومي تحريڪ خلاف آپريشن کي تيز ڪيو ويو آھي، جنھن آپريشن دوران لڳ ڀڳ 40 کن سياسي ڪارڪنن کي بغير ڪنھن جواز جي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي، غير قانوني طور تي کنڀي گم ڪيو ويو آھي، ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ۽ اھو چئون ٿا ته قانون ۽ آئين موجب پڻ اھو غير قانوني عمل آھي، جيڪڏھن کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن مان ڪو به اھڙي ڪنھن غير قانوني عمل ۾ ملوث آھي ته انھيءَ کي ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڪيس ھلايا وڃن، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ايڊووڪيٽ محب آزاد، جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويو، فائنانس سيڪريٽري سهڻي جويو ۽ ميڊيا سيڪريٽري گل حسن لاکي چيو ته هن رياست جو آئين هر ماڻھو کي تحفظ ڪرڻ جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ ادارن کي رياست جي آئين موجب عام ماڻھن سان بھتر ورتاءُ ڪرڻ گهرجي. هنن وڌيڪ چيو ته ماڻھن کي کنڀي گم ڪرڻ سان ماڻھن ۾ مايوسي جنم وٺي رهي آهي ۽ اسان سمجھون ٿا ته اھو عمل سنڌ جي ماڻھن ۾ خوف ۽ حراس پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آھي. اسان عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ عالمي فورم تي پنھنجو آواز اٿارين.