قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف پارلياماني اڳواڻن جي وڊيو لنڪ ڪانفرنس مان واڪ آئوٽ ڪري ويو

اسلام آباد:-  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسمبلي ۽ سينيٽ ۾ پارلياماني اڳواڻن جي ويڊِيو ڪانفرنس ڪوٺائي وئي . جنهن کي وزيراعظم عمران خان خطاب ڪيو . وزيراعظم عمران خان پاران خطاب بعد ڪانفرس ڇڏي وڃڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ شهباز شريف پارلياماني اڳواڻن جي وڊيو لنڪ ڪانفرنس مان واڪ آئوٽ ڪري ويو. شهباز شريف بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ڪانفرنس ڇڏي هليو ويو . شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زررداري پاران وزيراعظم جي ڪانفرنس ۾ واپسي تائين واڪ آئوٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو . ويڊيو ڪانفرسن ۾ شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي واڪ آئوٽ کان پوءِ پارٽِي اڳواڻ موجود هئا . شهباز شريف جو چوڻ آهي ته هو وزيراعظم جي اهڙي رويي کانپوءِ ڪانفرنس ۾ نٿو ويهي سگهي .شهباز شريف چيو ته هو هتي سياست ڪرڻ لاءِ ناهن آيا، اهو سوچڻ لاءِ ويٺا آهيون ته ملڪ کي وائرس کان ڪيئن بچائجي. سندس چوڻ آهي ته هي وقت مسيحا بڻجي ، ڏکايل انسانيت جي لاءِ سهارو بڻجڻ جو آهي .