قنديل بلوچ قتل ڪيس لئي مٽي ٿي ويو، ڪيس خارج ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

ملتان :- قنديل بلوچ قتل ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو، جتي مقتولا جي والدين قاتل پٽن کي معاف ڪندي ڪيس خارج ڪرڻ ۽ جوابدارن جي آزادي جي لاءِ عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. ماڊل ڪورٽ ملتان ۾ جمع ڪرايل پنهنجي حلف نامي ۾ قنديل بلوچ جي والدين جو چوڻ هو ته هن پنهنجي پٽن کي الله واسطي معاف ڪري ڇڏيو آهي. هن موقف اختيارڪيو ته غيرت جي نالي تي قتل وارو قانون جي ترميم سندس ڌيءَ جي قتل ڪيس تي لاڳو نٿي ٿئي. حلف نامي ۾ چيو ويو ته قنديل بلوچ قتل جي ايف آءِ آر 16 جولاءِ 2016ع تي داخل ڪئي وئي هئي جڏهن ته قانون ۾ ترميم 22 آڪٽوبر 2016ع تي ڪئي وئي. قنديل بلوچ جي والدين عدالت کان درخواست ڪئي ته ان ڪيس ۾ گرفتار هن جي پٽن محمد وسيم ۽ اسلم شاهين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڪيس کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.