قمبر ۾ حراست ورتل نوجوان کي پوليس ماري ڇڏيو: 8 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل

قمبر:- قمبر پوليس حراست ۾ ورتل نوجوان کي تشدد ڪري گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد لاش سول اسپتال ٻاهران ڦٽو ڪري فرار ٿي وئي وارثن جي احتجاج بعد ايس ايس پي حڪم تي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت 8 اهلڪارن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي رپورٽ موجب قمبر جي ماهي مڪول ٿاڻي جي  پوليس 22 ڏينهن اڳ ڳوٺ ڌنو چانڊيو مان 25 سالن جي نوجوان ضمير چانڊيو کي گرفتار ڪيو هيو ۽ وارثن کان آزادي لاءِ رشوت گهري هئي پئسا نه ملڻ تي ظالم پوليس اهلڪارن حراست ۾ ورتل نوجوان ضمير چانڊيو تي بي انتها تشدد ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪري لاش کي عصر مهل سول اسپتال قمبر ٻاهران ڦٽو ڪري فرار ٿي وئي هئي ۽ وارثن کي اطلاع ڏنو ته نوجوان ضمير چانڊيو خودڪشي ڪئي آهي جنهن جو لاش اسپتال پيل آهي اهڙي اطلاع تي مقتول نوجوان جا وارث عورتون ۽ مرد روڄ راڙو ڪندا اسپتال پهتا جتي هنن اهڙي واقعي خلاف پاڪ ڪتاب کڻي انصاف لاءِ احتجاج ڪيو ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ نظير چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ ضمير کي ايس ايس پي قمبر جي پي ايس او شھاب ڪولاچي ۽ ماهي مڪول ٿاڻي جي ايس ايڇ او واحد بخش لاشاري بي گناهه ڳوٺ مان گرفتار ڪري ٿاڻي اندر تشدد ڪندي هئي ۽ اسان کان آزادي لاءِ ڏيڍ لک روپيا رشوت گهري اسان غريب هئڻ ڪري نه ڏئي سگهياسين هن چيو ته منهنجي ڀاءُ مٿان ڪوبه ڪيس داخل نه هيو پوليس منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.