قمبر مان کنڀي گم ڪيل 2 قومپرست ڪارڪن آزاد ٿي ويا 6 مهينا اڳ کنڀجي ويل حفيظ آزاد هڪڙو ۽ ستار هڪڙو کي ڪراچي ۾ ڇڏيو ويو، سندن گهرن ۾ خوشي جي لهر

ڪراچي/قمبر : قمبر مان 6 مهينا اڳ کنڀجي ويل قومپرست 2 ڪارڪن آزاد ٿي ويا. قومپرست ڪارڪن حفيظ آزاد هڪڙو ۽ ستار هڪڙو آزاد کي 6 مهينا اڳ کنڀيو ويو هو، عبدالستار جي ڀاءُ عبدالجبار هڪڙو تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ٻنهي کي ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ ڇڏيو ويو آهي، انهن ٻنهي رابطو ڪري آزاد ٿيڻ بابت ٻڌايو آهي. قومپرست ڪارڪنن جي آزادي بعد سندن گهر ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي. واضح رهي ته عبدالستار ۽ حفيظ آزاد هڪڙو کي قمبر جي علي خان پاڙي ۾ رات جي وقت سندن گهرن مان کنڀيو ويو هو، جن جي آزادي لاءِ قمبر سميت سنڌ جي مختلف هنڌن تي احتجاج به ڪيو ويو هو.