قلندر جو روزو 5 مهينن کان بند: شهري بک ۽ بدحالي سبب روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻو

سيوھڻ:- عظيم صوفي بزرگ ۽ اولياءالله حضرت قلندر لال شھباز جو روضو ڪرونا لاڪ ڊائون سبب گذريل 5 مھينن کان بند رکڻ خلاف سيوھڻ جا شھري بک بدحالي ۽ بيروزگاري سبب  سراپا احتجاج بنجي  روڊن تي نڪري پيا احتجاجي مظاهروپريس ڪلب آڏو ڌرڻو  ان سلسلي ۾ سيوھڻ جي مختلف سياسي سماجي ادبي ۽ مذھبي تنظيمن لال شھباز ٽرسٽ،  سنڌي ادبي سنگت،  سگا،  ايس يو پي،  دڪاندار ايسوسيئيشن،  پي ٽي آئي،  فنڪشنل ليگ ۽ ٻين پاران قلندر شھباز جي  قديم الم پاڪ کان ھزارين شھرين ۽ قلندر جي عقيدتمندن  احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪيو ويو ۽ بعد ۾ پريس ڪلب سيوھڻ  آڏو ڌرڻو ھڻي “قلندر جا دروازا کولايو سيوھڻ  بچايو” جا زوردار نعرا ھنيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڪبر ملاح،  سيد عاشق حسين شاهه،  محمد صفر منڱڻھار،  خالد جتوئي،  صفدر نجفي،  علينواز سولنگي،  علي نواز رند،  مير حاجن پنھور ۽ ٻين چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪرونا جي نقصان جو جواز ڄاڻائي گذريل پنجن مھينن کان قلندر جو در عوام لاء بند ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري سيوھڻ جو عوام زائرين جي نه اچڻ ڪري بک بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن دڪاندران پورھيتن جا ٻچا فاقا ڪشي ۾ مبتلا ٿيڻ سبب ھي ايندڙ عيد به ڪرڻ لاچار بنيل آهن ان ڪري سنڌ سرڪار جلد پنجاب جيان سنڌ جون درگاھون پڻ ايس او پيز تحت جلد کولي متاثر عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. ھنن چتاء ڏنو ته قلندر جي درگاهه جلد نه کولي وئي ته ھو احتجاج جو دائرو وڌائي ڪراچي ۾ ڌرڻو ھڻندا.