قديمي ماڳ ڪارونجهر کي مسمار ڪرڻ خلاف نيويارڪ ۾ احتجاج

نيويارڪ :- يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي اڄ نيويارڪ ۾ سنڌ جي قديمي ماڳ ڪارونجهر کي مسمار ڪري ان مان پٿر ڪڍڻ خلاف يوٿ ايڪشن ڪميٽي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، سيما ۽ فاروق جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي معدني وسيلن تي سازش تحت ڦُري مقامي ماڻهن جو استحصال ڪيو پيو وڃي. هُنن صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪارونجهر مان پٿر ڪڍندڙن خلاف ڪارروائي ڪري قديمي ماڳ جي وسيلن کي بچايو وڃي.