قتل ٿي ويل يونين ڪائونسل چيئرمين ڪرم اللہ چانڊيو سندس پٽ مختيار ۽ ڀاءُ قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي

گهوٽڪي:- ٻه سال اڳ ميھڙ شھر ۾ قتل ٿي ويل يونين ڪائونسل چيئرمين ڪرم اللہ چانڊيو سندس پٽ مختيار ۽ ڀاءُ قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ميرپورماٿيلو ۾ رکيل هئي. ڄاڻايل ڪيس ۾ نامزد جوابدار سردار خان چانڊيو، برھان ۽ عبدالستار چانڊيو عدالت پھتا، جڏھن ته ڪيس جو انويسٽيگيشن آفيسر ايس ايس پي لياقت آباد ڪراچي اعجاز ڀٽي ۽ ڪيس جي فريادڻ ام رباب به پھتي.ٻنھي وڪيلن جي ڪجھ دير بحث ٻڌڻ بعد عدالت 9 مئي تائين حاضري ملتوي ڪري ڇڏي. هوڏانهن عدالت سڳوري ٻاهران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.ان موقعي تي ڪيس جي فريادڻ ام رباب جو چوڻ هو ته جوابدار ڌر پاران تاريخ مٿان تاريخ ورتي پئي وڃي ۽ خواهمخواهه ڪيس کي ڊيگهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر کين عدالت تي اعتماد آهي ته اها ساڻن انصاف ڪندي.