قبيلائي جهيڙا ۽ سنڌ پوليس!! ليکڪ: حفيظ چانڊيو

سنڌ  اندر هونئن ته انيڪ معاملن کي منهن ڏئي رهي آهي، جتي ٻين کوڙ بيمارين منهن ڪڍيو آهي اتي قبيلائي جهيڙن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو جاري آهي، ڪالهه ڪنڌڪوٽ ڀرسان لولائي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ چئن ڄڻن کي گولين جو کاڄُ ڪيو ويو آهي، فائرنگ جو نه کٽندڙ سلسلو جاري هجڻ سبب علائقي اندر خوف ڇانيل آهي، ۽ ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن، هن خوني جهيڙي جي نتيجي ۾ خبرون آهن ته ٻن عورتن سميت 4 ڄڻن جون حياتيون ضايع ٿي ويون آهن، جنهن تي جيترو افسوس ڪريون ته بنهه گهٽ آهي، اهڙين لونءَ ڪانڊاريندڙ  واقعا هاڻي روز جو معمول بڻجي رهيا آهن، جنهن تي قانون جا محافظ چپ سبائي بس خاموش تمائي جو ڪردار پيا ادا ڪن، ان قسم جا واقعا جتي عام ماڻهن کي دلي تڪليف سان گڏ خوف ۾ مبتلا ڪن ٿا، ساڳي جاءِ تي اهڙا واقعا عوام جي تحفظ جي دعويدار سنڌ پوليس ۽ عوام جي ماءُ کي شرمائي رهيا آهن، جن جي سستيءَ سبب مردن سان هاڻي عورتن کي پڻ بيدرديءَ سان پنهنجي قبيلائي انا جو شڪار پيو ڪيو وڃين، هونئن ته قبيلائي جهيڙا دراصل قبيلائي دهشتگردي ئي آهن، جنهن جو  راڪاس اتر جي سنڌ جي عوام پويان ايستائين ڪڍ آهي، جيستائين هو گهربل ماڻهوءَ جو ساهه نه ٿا ڪڍن، جتي ڪالهه قبيلائيءَ دهشت ۽ وحشت جي قهري ڪاروائيءَ ۾ ڳوٺ فوجو لولائيءَ ۾ لولائي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ خوني جهيڙو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي ڌُرين هٿيارن جو ائين استعمال ڪيو ڄڻ دشمن ملڪ سان سندن محاذ آرائي ٿي هجي. ان قسم جي قبيلائي ذهنيت جو نيٺ ڪڏهن انت ايندو وارو سوال انهن بي موت مارجي ويل ٻن عورتن ۽ مردن جي معصوم ٻارڙن جي سڪي ويل چپن تي آهن، جيڪي هن رياست کان پڇي رهيا آهن ته نيٺ سندن ڳوٺ ۽ علائقي وارن جي زندگين کي قبيلائي وحشي ۽ درندي صفت ماڻهن جي حوالي ڇو ڪيو ويو آهي، ان واقعي کانپوءِ جهيڙي ۾ مارجي ويلن جي وارثن قاتلن جي گرفتاريءَ جي لاءِ 5 ڪلاڪن تائين انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري پوليس جي پت کي وائکو به ڪيو ۽ کانئن قاتلن جي فوري گرفتاريءَ جو مطالبو پڻ ڪيو، ان کان علاوه اتي موجود مظاهرين پنهنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظهار ايندڙ ويندڙ گاڏين ۾ مسافري ڪندڙ مسافرن سان بدتميزي جي روپ ۾ ڪيو، جيڪو اصولي طور غلط آهي، ان احتجاج ۾ مظاهرين پوليس ۽ وس وارن ادارن کان پنهنجي پيارن جي قاتلن جي گرفتاري ۽ علائقي ۾ امن،  سڪون ۽ سلامتيءَ جي گهر پڻ ڪئي، جيڪا سندن آئيني ۽ قانوني طور بنيادي حق آهي. اسين جنهن سماج ۾ ساهه پيا کڻون اتي اسان جا مطالبا ۽ ڏٺل ۽ اڻ ڏٺا خواب سسڪي سسڪي مريو پون، پر ڪٿي ڪو داد رسي نصيب ناهي ٿي سگهي، اسان سڀ ساڃاهه وند سنڌ اندر وڌندڙ قبيلائي دهشتگرديءَ جي سهولتڪارن ۽ ان رت جي راند ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ ڏسڻ جا خواهشمند آهيون ته جيئن جاڳڻ ڀرسان پيس آيل هن هانءَ ڏاريندڙ واقعي جهڙا ٻيا واقعا رونما نه ٿي سگهن. مون جڏهن مظاهرين جا فوٽيجز ۽ موقف ٻڌو ته مون سندن درد کي دلي طور محسوس ڪندي پنهنجو سمجهيو، مون کي محسوس ٿيو ته مظاهرين جي اها خواهش هئي ته خدارا سندن پرخطر زندگين ۾ هڪ دفعو ٻيهار سڪون ۽ چين آندو وڃين، سندن عزيزن جي قاتلن کي گرفتاريون ڪيون وڃن، ياد رهي ته هي ساڳيو ئي علائقو آهي، جتي ڪجهه عرصو اڳ سنڌ جي لوڪ فنڪار جگر جلال جي اغوا واري معاملي ۾ سنڌ پوليس جو هڪ بهادر ڊي.ايس.پي شهيد ٿيو ۽ آءِ جي بي رحم آپريشن جا سکڻا اخباري بيان پئي ڏنا. هتان جي رياست ۽ قانون جي محافظن کي اها ڳالهه نظر ڀلا ڇو ڪو نه ٿي اچي ته هنن قبيلائي جهيڙن جي آڙ ۾ ويڙهن جا ويڙها ويران ٿين ٿا، سندن وارثن جو حال اهو آهي ته اهي پل پل پيا مرن ، انهن قبيلائي جهيڙن اسان کان اسان جا ڪيترائي انمول ماڻهو کسيا آهن، اسين بخوبي اهو ڄاڻون ٿا ته انهن جهيڙن جي ڪري متاثر ڌرين جو جيئڻ جنجال ٿيندو هوندو، پر ڇا انهن ڌرين کي ايتري برداشت ناهي ، جو هڪٻئي سان پيار ۽ پنهنجائپ سان معاملن کي حل ڏانهن وٺي، ڀائپي جو هڪ اهڙو مثال قائم ڪن، جيڪو ٽٽڻ جو نالو ئي نه وٺي، بهرحال هن قسم جا قبيلائي جهيڙن ۾ سندن ڀرپور زندگين کي مڪمل طور مفلوج ٿيڻ کان سواءِ رياست جي ڪير روڪي نه ٿو سگهي، اهو ان لاءِ جو رياست رعيت جي ماءُ ٿيندي آهي، اسان جي زندگين جي حفاظت سندن بنيادي ذميوارين ۾ شمار آهي.

 خبر ناهي ته سنڌ ۾ رهندڙ انهن ماڻهن کي آخر ڇا ٿي ويو آهي، ڪو ڏينهن خالي ئي ناهي جڏهن انهن جهيڙيندڙ ڌرين هٿان ڪي ڳڀرو ماريا نه ٿا وڃن، مرندڙ کي اها خبر ناهي ته هو ڪهڙي ڏوهه ۾ پيو مري ۽ ماريندڙ کي اها خبر ناهي ته هو ان ڳڀروءَ کي گولين جو بک ڇو بڻائي رهيو آهي، سنڌ جي هر گهٽيءَ ۾ بيگناهه ماڻهن جو خون پيو وهي، افسوس هي سڀ ڪجهه اهي سطحي قسم جا وحشي درندگي رکندڙ اهي جاهل ماڻهو ڪري رهيا آهن، جيڪي ڪوڙين انائن جي آسمان تي بيهي، ٻين تي برتري حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙين قهري ڪارواين ڪرڻ سان هو علائقي ۾ ناماچاري ڪرڻ چاهيندا آهن ته جيئن ماڻهو هنن کان خوفزده رهن. اُتر سنڌ جي 9 ضلعن جنهن ۾ ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ، دادو، گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور اچي وڃن ٿا، تن کي هٿ سان وٺي قبائلي دهشتگرديءَ جي اسٽيٽ بڻائڻ جون سازشون پيون هلن، هاڻي ذڪر ڪيل ضلعن ۾ ڏوهاري ۽ ڌاڙيلن جي رياستن جو قيام ٿي چُڪو آهي، جن کان هتان جو قانون به جهڙوڪ ڇرڪ ڀري رهيو آهي. هڪ سوال جيڪو منهنجي من ۾ هر هر پيو دستڪ ڏيندو آهي، شايد اهو جواب جو متلاشي هجي اهو سوال اهو آهي ته آخر ڪيستائين اسان جا ماڻهو هڪٻئي کي پنهنجي هٿيارن سان ماريندا رهندا، آخر هي قانون ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي ڇو بڻيل آهن، ڪيستائين هي قبيلائيت جي نالي تي قتل و غارت جاري رهڻي آهي، قبيلائي وحشتن جو هيءُ ناچ نيٺ هن ملڪ کي هلائيندڙ سگهاري ڌرين کي نظر ڇو ڪو نه پيو اچي؟        

قبيلائي جهيڙن ۾ قانون جو ڪردار:

سنڌ اندر ورهين کان قانون ۽ آئين جي بالادستي جي نه هجڻ الائي ڪيترا سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ جو شايد اهڙو ڪو شهر، ڳوٺ، وستي ۽ واهڻ هجي جتي قبيلائي جهيڙن جي آڙ ۾ ڳڀرن کي گولين جو بک نه بڻايو ويو هجي، سنڌ جنهن کي امن ۽ آشتيءَ جو گهوارو سڏيو وڃي، اتي رهندڙ ڪيترن ئي قبيلن جون زندگيون داءَ تي لڳل آهن، رياست اندر رياست جو قيام ٿي چُڪي آهي، جتي حد جو صوبيدار بي ايماني ۽ ناانصافي ڪندي جهيڙيندڙ ڌرين ۾ صلح ڪرائڻ بجاءِ ڏنو پٽ ڇٽي جي، رات جي پيٽ ۾ هڪ ڌر کان پيسا وٺي، ٻي ڌر مٿان جڏهن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ته ڇا جهيڙيندڙ ڌرين ۾ صلح جو ڪو امڪان باقي بچي ٿو؟. سنڌ ۾ رهندڙ الائي ڪيترائي قبيلا قبيلائي جهيڙن ۾ وڏي اذيت مان گذري رهيا آهن، سندن پل پل خوف ۽ خطري سان ڀرپور آهي، جنهن ۾ ڪنهن مهل ڪڏهن به ڪجهه ٿيڻ جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي، سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا سنڌ کي وڻ ويڙهيءَ جيئن وڪوڙي ويا آهن، جنهن جا منفي اثرن سنڌ جي امن ۽ رواداريءَ واري شاندار روايتن مٿان جهڙوڪ گهات هڻي، جهڙوڪ سنڌ جي سڃاڻپ ئي مٽائي ڇڏي آهي. سنڌ جون ٻهراڙين مان رت ۽ بارود جي بوءِ اچي رهي آهي، ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌ جا هي ڳوٺ وانا ۽ وزيرستان بڻجي ويا آهن، جن ٻارڙن کي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب هجڻ گهرجن، افسوس انهن هٿن ۾ جديد ترين هٿيار آهن، هي انهن قبيلن مٿان جنگ ناانصافيءَ ۽ بي ايمان وڏيرن جي ان جرڳن جو نتيجو آهي، جيڪي عدالتن کان مٿانهان ٿي، بي گناهه ماڻهن جي خونن جو حساب ڪتاب ائين ڪندا آهن، ڄڻ اهي ڍڳا ۽ ڍور هجن. اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ رياست بي وس بڻيل پئي ڏسجي، رياست هاڻي ڪٺور ٿيندي پئي وڃي،”رياست رعيت جي ماءُ هوندي آهي“ هتي اسان وٽ هي ڪهڙي قسم جي ماءُ آهي سندس معصوم ٻچڙا، ڳڀرن کي قبيلائي انائن جي آسمان تي بيٺل ڪند ذهنيت واري نفسيات رکندڙ ماڻهن جي ور چاڙهيو پيو وڃي، هر آئي ڏينهن ٽي.وي توڙي اخبارن ۾ اهڙيون خبرون پڙهڻ لاءِ سامهون اچن ٿيون، جنهن ۾ ڪنهن نه جي سازش سان ڪنهن سُکي ستابي گهر کي تباهه و برباد ڪرڻ لاءِ ان جي ڪنهن گهر جي اهم ڀاتي کي انهن قبيلائي وحشين هٿان مرڻو پوي ٿو.

قبيلائي جهيڙن ۾ رياست جي بي وسي:

رياست جي رٽ قائم ٿيڻ هر باشعور جو خواب هوندي آهي، پر گذريل ڪيترن سالن کان جنهن نموني سنڌ جي امن کي هٿ سان وٺي تباهه حال ڪيو ويو آهي، تنهن مان اندازو ائين لڳائي ٿو سگهجي ته رياست انهن جهيڙيندڙ ڌرينجي پشتپناهيءَ ۾ مصروفِ عمل آهي، ۽ سندن مددگار پڻ رهي آهي، اهو ان لاءِ لکڻو ٿو پوي ته اسين سنڌ جي ماڻهن ڇا ڇا ناهي ڀوڳيو، وڏين وڏين مشڪلاتن مان گذري به پنهنجي صبر کي هٿن مان وڃڻ ناهي ڇڏيو. هڪ پاسي دنيا ۾ رهندڙ قومون ۽ قبيلا مريخ تي لڏ پلاڻ لاءِ سانباها پيا ڪن ۽ ٻي پاسي ڀوتارن جي چُرچ تي سنڌ جي امن مٿان راتو هڻڻ لاءِ قبيلن ۾ نفرتن جو ڦهلاءُ ڪري جهيڙا ڪرايا ٿا وڃن، سندن اهڙي سازشن جي نتيجي ۾ ٻنهي جهيڙيندڙ ڌرين جو چين ۽ سڪون ئي ڦٽيو وڃي، سندن هلندڙ ڪاروبار ٺپ ٿيو وڃن، سندن ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سندن نياڻيون ۽ ٻار پڙهائيءَ کان محروم ٿيو وڃن. اهڙي جهيڙن جي برپا ٿيڻ بعد جاهلن جو گهٽ پڙهيل ڳڙهيل ۽ شريف ماڻهن جو وڌيڪ نقصان ٿيندو آهي، اهڙن جهيڙن ۾ اڪثر ڪري انهن نوجوانن جي پڙهائي وارو هلندڙ سلسلو ئي موراڳو بند ٿي ويندو آهي، نوجوان جيڪي هر قوم لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪندا آهن.

قبيلائي جهيڙن جي واڌ ويجهه جا محرڪ:

تاريخي حوالي سان سنڌ جي ماڻهن ۾ ان قسم جي قبيلائي وحشتپڻي جي ڪا لهر پري پري تائين نظر نه ٿي اچي، اهو ان لاءِ ته سنڌ ۾ قبائلي ۽ سرداري نظام کي سنڌ جي باشعور ماڻهن هميشه پئي ڌڪاريو آهي، سندن شعور آڏو سندن ”ٺُش خاني“ ڪڏهن به مضبوط ۽ سگهاري ناهي رهي. قبيلائي جهيڙن جو بنياد اصل جانچي ڏسجي ته پتو پوندو ته قبائلي سماجي نظام سنڌ جي پاڙي واري صوبي بلوچستان ۾ موجود هو، هن قسم جي ويڙهاند بلوچستان ۾ بلوچ قبيلن لاءِ دلچسپ رهي آهي، بلوچستان ۾ ٿيندڙ قبائلي جهيڙن جو اثر سنڌ ۾ مضبوط ٿيڻ لڳو آهي، جنهن هيل تائين هزارين ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي، نفرتن جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي.سنڌ ۾ وڌندڙ قبيلائي جهيڙن ۾ هتان جي ڀوتارن، سردارن جو بهتر ڪردار ڏسڻ نه ٿو اچي، سنڌ جي قبيلائي جهيڙن جي تاريخ تي جيڪڏهن ڪو مستقبل ۾ ڪو تاريخ جو شاگرد اسٽڊي ڪندو ته ان وقت سنڌ جا نام نهاد قبائلي سردار، ڀوتار ۽ نواب شرما.يندي نظر ايندا، زميني حقيقتن کي ڏسجي ته سنڌ ۾ وڌندڙ قبيلائي تنظيمن جا بنياد قومپرستيءَ لاءِ ڪاپاري ڌڪ آهن.سنڌ اندر قبيلائي جهيڙن جي واڌ ويجهه ۾ دراصل سنڌ جي انهن دشمن قوتن جو هٿ آهي، جيڪي سنڌ جي سيڪيولر سوچ ۽ اهنسا واري فڪر کان خائف آهن، سنڌ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻيل هن جهيڙن جو ڪٿي انت ٿيندو؟ جيتوڻيڪ سنڌ جي هن ٻرندڙ مسئلي تي سڀني ساڃاهه وندن، اديبن ۽ قومپرستن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏجڻ گهرجي، جتي هو ان ٻرندڙ مسلي تي هڪ ڀرپور بحث مباحثو ڪرائي ان جي دائمي حل لاءِ ڪو مستقل لاءِ عمل جوڙين ته جيئن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ لڳل قبيلائي جهيڙن جي باهه کي پيار ۽ پنهنجائپ سان هميشه لاءِ وسائي امن جا ڪي گيت ڳائجن. ڇو جو هن قسم جا قبيلائي جهيڙا سنڌ جي وحدت مٿان وار آهن، جنهن ۾ هتان جو مقامي ڀوتار حد جي ٿاڻيدار جي مدد سان ڪنهن ڏوهاريءَ مٿان هٿ رکي پنهنجا گهربل حدف حاصل ڪندو ٿو رهي، ان ڏس ۾ ضلعي شڪارپور جي ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان خان هڪ بهترين حڪمت عملي جوڙي آهي، جنهن ۾ هن پوليس جي محڪمي ۾ ڪارٻوٿ رڍن جي نشاندهي ڪئي آهي ته اهي ڏوهارين جا سهولتڪار ۽ سهڪاري رهيا آهن، پوليس محڪمي جا کوڙ سارا راز اهي پوليس وارا ڏوهارين جي خوشامد ۾ پيا ٻڌائي رياست جي رٽ ۾ رڪاٽون وجهندا پئي رهيا.

قبيلائي جهيڙن ۾ ساڃاهه وندن جو ڪردار:

سنڌ اندر قبيلائي جهيڙا ڪرائيندڙ ڌريون چاهين پيون ته سنڌ جي امن امان مٿان گهات هڻائي، پنهنجا مقصد ماڻي سگهن، ٿيڻ ته ائين گهرجي ته انٽيلڪچوئلز ۽ سنڌ جي گهڻ گهرن کي اڳتي اچي اهڙي اهم معاملي تي ڪي بحث مباحثا ڪرائڻ گهرجن ته جيئن سنڌ کي اونداهين ڏانهن ڌڪڻ واري خارجي سازشن کي هيڪار ناڪام بڻائي سگهجي،  ان ڏس ۾ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي وسيلي سنڌ جي هر شهري، ٻهراڙي ۾ رهندڙ هر قبيلي جي ماڻهوءَ کي آگاهي ڏيڻ گهرجي ته قبيلائي جهيڙا سواءِ نقصان جي ٻيو ڪجهه به نه آهي، قبيلائي جهيڙن جي ڪري پوري علائقي جي سماجي زندگي ڌانواڊول ٿيو وڃي، ان سان گڏ آسپاس جي معاشيات، اقتصادي معاملا تي پڻ منفي گهرا اثر پون ٿا، هونئن به جهيڙن ۾ سواءِ تباهيءَ جي ڀلا رکيو آهي. سنڌ جي ان ٻرندڙ معاملي تي سنڌ جي نوجوانن مٿان اها ذميداري عائد ٿئي ٿي ته اهي پنهنجي آدرشي ڪردار جي وسيلي، نت نون خيالن سان بهترين حڪمت عملين کي تشڪيل ڏين ته قبيلائيت جهڙي دقيانوس سوچ رکندڙ عنصرن کي شڪست ملي سگهي. سنڌ جي نوجوانن کي رات ڏينهن سنڌ جي سيڪيولر ۽ روادار روح جي ان آفاقي قدرن لاءِ اڳتي اچڻو ئي پوندو، ان سنڌ جي تشخص جي بحالي لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻو ئي پوندو، جيڪا صدين کان وٺي پنهنجي شاهڪار روايتن جي امامت ڪندي آئي آهي، سيڪيولر سنڌ جي بنياد لاءِ نوجوان ئي ڪارگر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، مٿن اهو فرض آهي ته هو پنهنجي قابليت سان هن رياست اندر ڏوهارين جي قائم ٿيل رياست جو خاتمو آڻين، کين ان سنڌ لئي هاڻي متحرڪ ٿيڻو پوندو، جيڪا سنڌ ڪوڙين انائن، مذهبي متڀي هينئر جيڪڏهن سنڌ تي نظر ڌربي ته هر پاسي روئاڄ ئي روئاڄ نظر ايندو، سنڌ جي هر گهر اندر ماتم ڪدو برپا ٿيل آهي، ڪٿي ڪنهن ونيءَ جي سڏڪن جو گهٽيل آواز ايندو ته ڪٿي ڪنهن ماءُ کي پنهنجي ڳڀرو پُٽ لئي رئندي رڙندي ڏسبو، ان کان علاوه ڪيترين ڀينرن جا جگر ڀائرن جي وڍ ڏيندڙ وڇوڙن تي اڌواڌ ملندا، سنڌ جي امن جي سڃاڻپ جهڙوڪ هاڻي اوپري پئي ٿيندي وڃي، مجموعي طور سنڌ جا ڳوٺ هاڻي وانا ۽ وزيرستان جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، جتي پتڪڙن هٿن ۾ ڪلاشنڪوفون آهن، خبر ناهي ته انهن پتڪڙن هٿن ۾ قلم جي جاءِ اهي هٿيار هن رياست کي نظر ڇو نه ٿا اچن. سنڌ کي بيروت بڻآئيندڙئو! ياد رکي ڇڏيو ته سنڌ پنهنجي نوجوانن مان بنهه خوش آهي، ان ۾ ان جون کوڙ ساريون اميدون وابسته آهن، جيتوڻيڪ هر ماڻهو ان ڳالهه کان باخبر آهي ته قبيلائي جهيڙا هر قبيلي جي معاشي، اقتصادي، تعليمي راهه ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪندا آهن، کين بي سڪونيءَ واري عالم ۾ ڌڪي جانور جي زندگي گهارڻ تي مجبور ڪندا آهن، اهڙن جهيڙن ۾ ٿيندو ائين آهي ته آسپاس ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ڦهلائڻ جي لاءِ ڪن ڳڻ ڪئي ويندي آهي، اهڙن ماڻهن کي پنهنجي انائن جي ور چاڙهيو ويندو آهي، جن جو انهيءَ جهيڙي سان پري پري جو واسطو ناهي هوندو. سنڌ اندر وڌندڙ هي قبيلائي جهيڙا جرنل ضيا جي ياد کي تازو ڪري رهيا آهن، ڪهڙو ماڻهو ناهي چاهيندو ته هو ٻين کان منفرد ڏسڻ ۾ اچي ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪامياب ٿي وڃي، پر هتي محرومين جو شڪار ماڻهو جڏهن سندن معاشي توڙي سماجي رتبي کي مٿانهون سمجهندا آهن ته منجهن اها قبيلائي انا جاڳي پوندي آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن بهاني ترقي جي راهن ڏانهن گامزن ان قبيلي سان جهيڙي سندن ڪنهن سرڪردگي ماڻهوءَ کي راهه ويندي بي گناهه قتل ڪري، اهو اعلان ڪندا آهن ته هو سندن ان خوشحال ۽ ڪامياب جيون مان خوش نه آهن، سنڌ جي ساڃاهوندن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، قومپرستن، قلمڪارن، شاعرن ۽ اديبن کي قوم کي قبيلائي جهيڙن جي نقصانن کان مڪمل آگاهي لاءِ وٽن لنگهي وڃڻ گهرجي، سنڌي ماڻهن جي اها روايت رهي اهي ته هو تڏي لنگهي آيل دشمن کي ناهن ماريندا، تڏي تي آيل دشمن کي بخشڻ واري روايت سواءِ سنڌي قوم جي شايد ٻي ڪنهن قوم وٽ موجود هجي، ان لاءِ سڀني ڌرين کي سنڌ جي ان ٻرندڙ مسئلي تي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي. هر ماڻهو جيتوڻيڪ ان ڳالهه کي سمجهي ٿو ته  قبيلائي جهيڙن ۾ جاني نقصان سان گڏ مالي نقصان ٿيندو آهي، اهڙن جهيڙن جا اثر ايندڙ نسلن تي پڻ پوندا آهن، جيڪي اڳتي هلي سندن نوجوانن جي روشن مستقبل ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪندا آهن، قبيلائي جهيڙا اسان جي جاگيرداڻي سماج جي اها ڀيانڪ پراڊڪٽ  آهي، جنهن سنڌ جي هر ڳوٺ کي وڻ ويڙهيءَ جيئن وڪوڙي ويڙهن جا ويڙها تباهه و برباد ڪري ڇڏيا آهن، قبيلائي جهيڙن سان امن امان جي صورتحال تي پڻ گهرا اثر پوندا آهن، اهڙين قبيلائي جهيڙن جي واقع ٿيڻ بعد بدنام ڏوهاري ۽ ڌاڙيل جهيڙيندڙ ڌرين وٽ ونگار وهڻ جي لاءِ ويندا آهن، ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته ڌاڙيلن جي ڀوتارن کانپوءِ وڏي ۾ وڏي پناهه گاهه اهي قبيلائي جهيڙا ئي آهن، جتي کين چوڻ ۽ پُڇڻ وارو ناهي هوندو. سنڌ جي قبيلائي جهيڙن ۾ متاثر خاندانن جي درد کي سمجهندي آءُ افيئر جي ذريعي انهن ڌرين کي وينتي ڪندس ته خدارا رحم ڪريو، نسلن جا نسل تباهه ٿي رهيا آهن، ڪيترائي گهر اجڙي قبرستان جو ڏيک پيا ڏين، پنهنجي انائن کي تسڪين ڏيڻ بند ڪيو ، ذهنن تان ورهين کان چڙهيل زنگ لاهيو انائن واري عينڪ لاهي پنهنجي معصوم ٻارڙن جي انهن ٻاتن ٻولن کي سڻو، جن کي اڳتي هلي تعليم حاصل ڪرڻي آهي، جن کي مستقبل ۾ ڪنهن انتظامي عُهدي تي فائز ٿيڻو آهي. جهٽ پل جهيڙيندڙ قبيلا دنيا کي ڏسن ته ڪيئن ٿي دنيا معاشي ۽ اقتصادي، سماجي، سياسي، تعليمي ميدان سان گڏ اخلاقي حوالي سان اڳتي وڌندي ٿي رهي ڪيئن منزل ماڻڻ جي جستجو ۾ ڪشالا ڪندي ڪٿي ٿڪجن ئي نه ٿا.. اچو ته نفرتون ختم ڪري اهڙي سنڌ جو بنياد رکون جتي پيار ۽ پنهنجائپ جي احساس کي پروان چاڙهجي ۽ هر ڪنهن جو ٻانهن ٻيلي ٿي پوري قومي تشخص تي لڳل ان داغ کي مٽايون ته جيئن ايندڙ نسل اسان کي ياد ڪري اسان مٿان فخر ڪن.

امن زندهه آباد، امن زندهه آباد
هر ڪنهن سان پيار ڪيو، نفرتون ختم ڪيو، امن زندهه آباد.