قانون موجب انصار الاسلام تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي : حڪومت

اسلام آباد :- حڪومت جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مليشيا فورس انصار الاسلام خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.حڪومت طرفان جي يو آءِ (ف) جي ذيلي تنظيم خلاف ڪارروائي جي سلسلي ۾ گهرو وزارت انصار الاسلام کي ڪالعدم ڏيڻ لاءِ سمري اليڪشن ڪميشن ۽ قانون واري وزارت کي موڪلي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڪنڊي دار تارن سان ليس لٺيون کڻي ورديءَ واري فورس پشاور ۾ مارچ ڪيو ۽ اها فورس ظاهري طور حڪومتي رٽ چئلينج ڪرڻ چاهي ٿي.هوڏانهن گهرو وزارت ڪارروائي لاءِ وفاقي ڪابينا کان به منظوري وٺي ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت آرٽيڪل 146 تحت گهرو وزارت کي صوبن سان صلاح مشوري جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي هدايت تي عمل لاءِ صوبن کي هر قسم جي ڪارروائي جو اختيار هوندو، قانون موجب انصار الاسلام تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي.ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن ذريعن جو چوڻ آهي ته انصار الاسلام نالي ڪا جماعت اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ ئي ناهي ۽ ڪنهن به جماعت کي اليڪشن ايڪٽ 2017 تحت ڪالعدم قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ گهرو وزارت جو اختيار آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن جماعت کي ڪالعدم قرار ڏيڻ هجي ته معاملو گهرو وزارت کي ريفر ڪيو ويندو آهي، ڪنهن به سياسي جماعت کي منع ڪيل پرڏيهي فنڊنگ، ملڪي سلامتي ۽ خود مختياري خلاف قدم ۽ دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ تي ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿو.قانون واري وزرات جي ذريعن موجب ايڪشن ايڪٽ جي شق 212 تحت گهرو وزار کي نوٽيفڪيشن ذريعي ڊڪليريشن جاري ڪرڻي پوندي، ڊڪليريشن جاري ٿيڻ جي 15 ڏينهن اندر گهرو وزارت جماعت کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو معاملو سپريم ڪورٽ موڪليندي ۽ سپريم ڪورٽ طرفان ڊڪليريشن کي برقرار رکڻ جي فيصلي سان جماعت ڪالعدم قرار ٿي ويندي.