قانون لاڳو ڪندڙ ادارا لينڊ ۽ واٽر مافيا جي سامهون بي وس نظر اچي رهيا آهن

اسلام آباد :-  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 2013ع ۾ قتل ڪيل سماجي ڪارڪن پروين رحمان جي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا لينڊ ۽ واٽر مافيا جي سامهون بي وس نظر اچي رهيا آهن.

عدالت عظميٰ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پرويز رحمان قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران گڏيل جاچ ٽيم جو سربراهه بابر بخت قريشي عدالت پيش ٿيو.

ٻڌڻي جي آغاز تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪهڙي رينڪ جا آفيسر آهيو، جنهن تي جواب ڏنو ويو ته آئون ڊي آءِ جي رينڪ جو آفيسر آهيان، ان تي وري عدالت پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين توهان کي جاچ ۾ ڪهڙي ڪاميابي ملي؟

عدالتي پڇاڻي تي جي آءِ ٽي سربراهه جواب ڏنو ته هن وقت ڪا به خاطر خواهه ڪاميابي ناهي ملي سگهي، وقت وڌيڪ گذرڻ جي ڪري جيوفينسنگ به ممڪن ناهي.

ان موقعي تي هن عدالت کان اپيل ڪئي ته وڌيڪ اڍائي مهينن جو وقت ڏنو وڃي جيئن ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهون، جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته 6 سالن پهرئين ئي گذري چڪا آهن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڇا ڪري رهيا آهن، اهو معاملو هاڻ وڌندو پيو وڃي.

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته جي آءِ ٽي بڻائڻ جي ضرورت ان ڪري پيش آئي هئي ڇو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجو ڪم صحيح سان نه ڪري رهيا هئا.

هن پڇاڻو ڪيو ته 2013ع کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڇا ڪيو؟ ڇا اِهي مافياز قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي پهچ کان ٻاهر آهن؟

گڏوگڏ ئي جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته لينڊ ۽ واٽر مافيا جي سامهون قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بي وس نظر اچي رهيا آهن.

پنهنجا ريمارڪس جاري رکندي هن چيو ته پوليس سڌارا به ان ڪري ڪيا پيا وڃن، جيڪي ماڻهو خدمت خلق ڪندا هئا انهن کي مافيا ماري ڇڏيو.

بعد ۾ عدالت ريمارڪس ڏنا ته جي آءِ ٽي جي سربراهي بابر بخت قريشي کي ڏئي رهيا آهيون، پر عبوري رپورٽ 3 هفتن ۾ جمع ڪرائي ويندي.

واضح رهي ته جون ۾ اِها ڳالهه سامهون آئي هئي ته جاچ ڪندڙ هاڻ به قتل بابت بنيادي فرانزڪ ۽ واقعاتي ثبوت گڏ ڪرڻ ڪوشش ڪري رهيا آهن ڇو ته 2 گڏيل جاچ ٽيمن مبينا طور تي تي ان هاءِ پروفائل ڪيس جي معاملي کي حل ڪرڻ ۾ بنياد شين کي نظرانداز ڪيو.

اِهو انڪشاف ان عبوري رپورٽ ۾ سامهون آيو هو جيڪا سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي هئي، جتي مقتولا جي ڀيڻ عقيله اسماعيل درخواست داخل ڪئي هئي ته وفاقي جاچ ايجنسي طرفان ان ڪيس جي ٻيهر جاچ ڪرائي وڃي.