قاضي خِضر حيات جي ڪتاب ”جهاڳيو مون جهان“ جي مهورت ۽ سندس 76 هين سالگرهه تقريب

سڪرنڊ := ليکڪ ۽ ڪاشيگر انجنيئر قاضي خِضر حيات جي ڪتاب ”جهاڳيو مون جهان“ جي مهورت ۽ سندس 76 هين سالگرهه تقريب سڪرنڊ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري مسعود عمراڻي ۽ ناليواري مصور استاد نور ڪيريو پاران سڪرنڊ پريس ڪلب هال ۾ پروقار نموني ملهائي وئي.ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي اڳوڻي ايم پي اي فرحين مغل، اڳوڻي چيئرمين ٽائون ڪميٽي سڪرنڊ سيد منير محمد شاهه، سرپرست اعليٰ سڪرنڊ پريس ڪلب محمد صديق منگيو، صدر رائو عبدالمنان، ناليواري اديب راشد لکمير، استاد غلام نبي ڪيريو ۽ پريتم قاضي پنهنجي گڏيل خطاب ۾ چيو ته قاضي خضر حيات انهن خوشنصيب ماڻھن مان آهي جن تي ڏات مهربان هوندي آهي، هو هڪ ئي وقت استاد، ليکڪ، ڪاشيگر ۽ مصور آھي.قاضي خضر حيات پاران پنهنجي زندگيءَ جي گذاريل لمحن، زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ رنگين ۽ سنگين حالتن ۽ حياتيءَ ۾ ايندڙ لاهن چاڙھن تي لکيل آتم ڪٿا صرف آتم ڪٿا نه پر ان ۾ سياسي، ادبي ۽ تاريخي پسمنظر به لکيا ويا آهن، جنهنڪري ان ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت ۾  اضافو ٿيو آهي. ڪتاب جنهن گهري سوچ، دلچسپي  ۽ تسلسل سان عام فهم ۾ لکيو آهي، اهو پڙھندڙن کي مڪمل ڪتاب پڙھڻ تي آماده ڪري ٿو، هنن چيو ته هي ڪتاب ادبي کيتر ۾ شاندار اضافو آهي، جنهن مان پڙھندڙن کي مفيد مواد ملي سگهي ٿو.قاضي خضر حيات چيو ته منهنجي لاءِ هي گهڙيون باعث مسرت آهن جو دوستن پاران عاليشان تقريب ڪوٺائي عزت بخشي وئي آهي.تقريب کي شاعرن ۽ اديبن وسيم سومرو، رضا ڏاهري، اسد ڪيريو ۽ جوائنٽ سيڪريٽري سڪرنڊ پريس ڪلب ظفر عبدالحئي پڻ خطاب ڪيو. جڏھن ته جنرل سيڪريٽري مسعود عمراڻي آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو. وقار ڪيريو، محسن جمالي ۽ فريد ڪيريو گيت چيا. تقريب جي ڪارروائي مير محمد ڪيريو هلائي. ان کان اڳ ڪتاب جي مهورت ڪئي وئي ۽ آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪون به اوڍايون ويون.