قاضي احمد ۾ 5 سالا معصوم نينگر دڪان تان شيءَ وٺڻ لاءِ ويل کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو

دولتپور:- قاضي احمد شھر جي آفتاب ڪالوني ۾ دڪان تان شيء وٺڻ لاءِ ويل 5 سالا معصوم نينگر ايان علي لاکو سان ٻن نوجوانن سرتاج علي جتوئي ۽ دلبر عرف دلو جتوئي کيس گهر کڻي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو، بعد ۾ کيس بيهوشي واري حالت ۾ سندس گهر اڳيان ڦٽو ڪري ويا. معصوم ايان علي کي اهڙي حالت ۾ کڻي قاضي احمد ٿاڻي تي آندو ويو جتي واقعي جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي، جتان کين ميڊيڪل لاء قاضي احمد اسپتال موڪليو ويو. واقعي بعد قاضي احمد پوليس هڪ جوابدار سرتاج جتوئي کي گرفتار ڪري ورتو آهي ٻيو جوابدار دلو جتوئي فرار ٿي ويو آهي. جڏهن ته معصوم نينگر جو ڏاڏو حبيب الله لاکو، پيءُ محمد علي لاکو زيادتي جو نشانو بڻيل ايان علي سان گڏجي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو 5 سالا معصوم نينگر شئ وٺڻ لاء گهر کان ٻاهر نڪتو ته پاڙي جي جتوئي برادري جي ڇوڪرن زبردستي ايان علي کي زيادتيءَ جو نشانو بڻائي پوء گهر جي در تي اڇلائي ڦٽو ڪري ھليا ويا. ھنن چيو ته اهڙي رپورٽ قاضي احمد ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي جنھن کان پوء پوليس هڪ جوابدار گرفتار ڪيو آ جڏهن ته ٻيو جوابدار گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آھي، هنن ايس ايس پي شھيد بي نظير آباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي