قاضي احمد ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گھر پوليس جي چڙھائي ۽ چادر چوديواري جو تقدس پئمال ڪرڻ خلاف جسقم ڪارڪنن طرفان احتجاج

قاضي احمد : قاضي احمد ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گھر پوليس جي چڙھائي ۽ چادر چوديواري جو تقدس پئمال ڪرڻ خلاف جسقم ڪارڪنن طرفان احتجاج ڪيو ويو، غلام شبير سنگراھ، پير نعيم ۽ ٻين چيو ته جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گھر تي چڙھائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سميت قومي ڪارڪنن جي گھرن تي چڙھائي ڪري سائين جي ايم سيد جي سالگرھ تي قومي ڪارڪنن کي سن اچڻ کان روڪڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، قومي ڪارڪنن خلاف ڪارروايون بند ڪيون وڃن .