قاضي احمد لڳ ڳوٺ بادل کوسو جي رھواسين معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري پريس ڪلب پھچي مظاھرو ڪيو

قاضي احمد :- قاضي احمد لڳ ڳوٺ بادل کوسو جي رھواسين خميسو کوسو ۽ مورو کوسو پنھنجا معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري پريس ڪلب پھچي مظاھرو ڪيو. ٻارڙن ھٿن ۾ ڪتاب کڻي اسان کي تعليم ڏيو، تعليم کي تباھ ٿيڻ کان بچايو جا نعرا ھنيا. خميسو کوسو ۽ مورکوسو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڳوٺ مال مھر جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جا استاد غلام نبي مھر ۽ راجا ڌاريجو اسان جي ٻارڙن کي تعليم نٿا ڏين. سنڌ حڪومت پاران شاگردن کي مفت ڪتاب ڏنا پيا وڃن پر ھتي استاد في شاگرد کان ڪتابن جا 250 سؤ رپيا وٺي پوء ڪتاب ڏئي رھيا آھن ۽ روزانا 50 رپيا في جمع ڪرائڻ لاءِ تنگ ڪري رھيا آھن.