قاسم سليماني جي تدفين دوران ڀاڄ، 50 ماڻهو فوت، ڪيترائي زخمي

تهران :- ايران جي قدس فورس جي سربراهه قاسم سليماني جي تدفين جي دوران ڀاڄ سبب 50 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، ڀاڄ قاسم سليماني جي اباڻي شهر ڪرمان ۾ ان جي جنازي ۾ پئجي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ هئا، تهران ۾ ڪالهه ان جي جنازي نماز ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي، ڪالهه به ڪارا ڪپڙا پهريل وڏي انگ ۾ ماڻهن ان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيا، ايران جي سرڪاري ٽي وي موجب تمام گهڻي رش سبب ڀاڄ پوڻ جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ 50 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي  زخمي ٿي پيا آهن، ياد رهي ته جنرل قاسم سليماني 3 جنوري تي صبح جو بغداد ايئرپورٽ جي ويجهو آمريڪي ڊرون حملي ۾ قتل ٿي ويو هو.