فيض گنج ڀرسان 7 سالن جي نينگري بيدرديءَ سان قتل، لاش فصل مان هٿ

فيض گنج :- ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ڳوٺ گامڻ خاصخيلي ۾ جوابدار مبينا طور 7 ورهين جي نينگري مهناز خاصخيلي کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، نينگري جي پيء محمد اقبال خاصخيلي ڪوٽ لالو ٿاڻي تي نينگري جي لاش سميت پهچي ٻڌايو ته نينگري جا ڀائر انب وٺڻ لاء دڪان تي ويل هئا جن جو ٻڌي نينگري بغير ٻڌائڻ جي کين جي پويان گهران نڪري وئي هئي. جڏهن ته رستي ۾ ٻڪريون چاريندڙ جوابدار نويد خاصخيلي کيس کي پڪڙي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش جنتر جي فصل ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو، نينگري جي گهر واپس نه پهچڻ تي گهر جي ڀاتين کيس جي ڳولا ڪئي ته سندس لاش فصل مان مليو، ڪوٽ لالو پوليس موجب جوابدار نينگري جو سئوٽ آهي، نينگري جي لاش جو پوسٽ مارٽم فيض گنج رورل هيلٿ سينٽر مان ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته والدين جي ٿاڻي تي پهچڻ بعد فرياد داخل ڪئي ويندي والد جي فرياد تي اين سي داخل ڪئي آهي، ٻئي طرف نينگري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام متل هيو.