فيض گنج پوليس جو ڏاڍ، پنجين درجي جي شاگرد تي وحشياڻو تشدد، پيرسن امڙ جو احتجاج

فيض گنج:- پڪا چانگ جي ڳوٺ محمد پريل چانگ واسڻ پيرسن عورت مائي رحمت چانگ سندس زخمي پٽ عامر کي ساڻ ڪري پريس ڪلب آڏو پهچي دانهيو ته فيض گنج پوليس جي اهلڪارن سندس پٽ کي بنا جواز تشدد ڪري رتو رت ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته سندس پٽ ڳوٺ بيگ محمد راڄپر جي پرائمري اسڪول ۾  پنجين درجي ۾ پڙهندو آهي، اسڪول کان واپسي بعد هارپي واري زمين تي وڃي رهيو هيو ته اتان فيض گنج پوليس جي گذرندڙ موبائيل ۾ ويٺل اهلڪارن کيس روڪي بناجواز تشدد ڪيو آهي، هن چيو ته مان بيواهه آهيان هارپو ڪري گذر سفر ڪندڙ آهيون، پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف فيض گنج پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ وياسين جتي نينگر جوابدار سان گڏ اسڪوٽر تي سوار هيو جنهن کي جوابدار هلندڙ اسڪوٽر تان لاٿو ته هو روڊ تي ڪري زخمي ٿي پيو آهي.