فيض گنج سميت سندن انتظام هيٺ هلندڙ رورل هيلٿ سينٽرن ۾ هر وقت ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل عملو موجود هوندو آهي: آءِ ايڇ ايس

حيدرآباد :-  نانگ يا بلا جي ڪکيل مريض جي زخم کي فوري طور نه ته زور سان ٻڌڻ گهرجي نه ئي پاڻي سان ڌوئڻ يا چهڪ ڏيڻ گهرجي. ڪکيل جو زهر چوسڻ کيس ذري برابر به فائديمند ڏيڻ بجاءِ نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. اها ڳالهه فيض گنج رورل هيلٿ سينٽر جي ميڊيڪل سپريڊنٽ ڊاڪٽر بشير احمد سهتو سينٽر ۾ نانگ يا بلائن جي ڪکيل مريضن جي علاج متعلق غلط روايتن جي حوالي سان چئي. هن ٻڌايو ته گذريل عاشوري جي ڏينهن ۾ هن هيلٿ سينٽر تي آيل نانگ جي ڪکيل مريضن کي اينٽي سنيڪ وينيوم يا اي ايس وي ڏني وئي جنهن کي سندن رشتيدار غلط تصور تي عمل ڪرڻ سبب پيچيده حالت ۾ کڻي آيا هيا. ڊاڪٽر سهتي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪکيل مريض کي پرسڪون حالت ۾ رکڻ گهرجي ۽ اسپتال پهچائڻ يا گاڏي جي بندوبست ٿيڻ تائين کيس بلڪل چرڻ ڦرڻ نه ڏجي. هن چيو ته اها هڪ عام شڪايت آهي ته اڪثراسپتالن ۾ اي ايس وي جي کوٽ هوندي آهي. جڏهن ته آءِ ايڇ ايس پاران فيض گنج سميت سندن انتظام هيٺ هلندڙ رورل هيلٿ سينٽرن ۾ ڪڏهن به اها کوٽ ٿيڻ ناهي ڏني. هن وقت به چاليهه وائل اسپتال ۾ موجود آهن. ساڳي طرح سان ڊيوٽي روسٽر تحت ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل عملوهن طبي ايمرجنسي لاءِ اسپتال ۾ موجود هوندو آهي. ٻئي طرف ڏهين محرم تي فيض گنج هيلٿ سينٽر ۾ نانگ ڪکيل مريض کي ويڪسين نه ملڻ واري خبر جي باري ۾خيرپورجي ڊسٽرڪٽ مينيجر مير عابد علي ٽالپر جو چوڻ هيو ته هن پاڻ ذاتي طور تي ان معاملي جي جانچ ورتي آهي. هن چيو ته خبر ۾ ڄاڻايل غلام شبير نالي سان ڪوبه نانگ ڪکيل مريض فيض گنج سينٽر تي آيو ئي ناهي. جڏهن ته اٺين ۽ نائين تاريخن تي بلائن جي ڪکيل ٽن مريضن کي ويڪسين لڳائي سندن علاج ڪيو ويو.مير عابد وڌيڪ چيو ته آءِ ايڇ ايس پاران عاشوري جا ٻئي ڏينهن سموري اسٽاف جون موڪلون رڌ ڪندي کين ڊيوٽين لاءِ پابند بڻايو ويو هيو.انڪري سينٽر تي ڊاڪٽر ۽ ٻئي طبي عملي جي نه هجڻ واري ڳاله ۾ ڪابه صداقت ڪونهي. هن چيو ان ڳالهه جي شاهدي اهي ڪيترائي عذادار پڻ ڏيندا جن کي عاشوري دوران هن صحت مرڪز تي طبي امداد ڏني وئي.