فيض گنج جي رهواسين کي صاف پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ42 ڪروڙ رپين جون اسڪيمون غير فعال

فيض گنج :- فيض گنج تعلقي جي ٻن ٽائون ڪاميٽن پڪا چانگ، ڪرونڊي ۽ تعلقي جي 10يونين ڪائونسلن ڀنگو بهڻ، ڪوٽ لالو، اڪري چودڳي، پنهل راڄپر، امن چودڳي، خوش خيرمحمد هسيباڻي، ننگر خان شر، ڪرم خان، رضا آباد، يوسي ڪنڊياري سميت ننڍن وڏن ڳوٺن مزار خان چانگ، رحمت الله چانگ، علي آباد، غلام نبي، کنڊو خان شر ،عبدالعزير آرائين، سبحان علي چانگ، بصيرو، عثمان ملو، ۽ حسين پاتو سميت تعلقي ۾ پبلڪ هليٿ کاتي پاران رهواسين کي صاف پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ42 ڪروڙ رپين جي لاڳٽ سان 25 واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون تيار ڪرايون هيون جيڪي سموريون اسڪيمون هن وقت غير فعال بڻيل آهن. هڪ ڏينهن به رهواسين کي پيئڻ لاء پاڻي فراهم ٿي نه سگهيو آهي. لاڳاپيل انتظاميا پاران سار سنڀال نه لهڻ ڪري اڪثر اسڪيمن تي لڳايل ٽرانسفارمر، مشينري توڙي پاڻي وارا موٽر به چوري ٿي چڪا آهن. فيض گنج واسين کي مٺو ۽ صاف پاڻي فراهم ڪرائڻ لاء 2014 ۾ سپريم ڪورٽ به نوٽيس وٺي پبلڪ هليٿ کاتي جي عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون هيون ته سمورين اسڪيمن کي فعال بڻايو وڃي پر انهن حڪمن تي عمل ٿي نه سگهيو آهي. سموريون اسڪيمون ناڪارهه هجڻ ڪري رهواسي لاڪ ڊائون واري صورتحال ۾ پئسن سان پيئڻ وارو پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. 42 ڪروڙرپيا خرچ ڪرڻ باوجود هڪ به اسڪيم هلڻ جي لائق نه آهي. ان کان علاوه ڄاڻايل علائقن ۾ ٻاڙو، کارو، سينکيو مليل پاڻي آهي جيڪو واپرائڻ سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا مرد عورتون ۽ معصوم ٻار مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن. رهواسي پيئڻ لاءِ پاڻي پري پري کان ڀرڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته شهري آبادي وارن علائقن جا رهواسي پئسن سان خريد ڪن ٿا. واٽر سپلاءِ اندر قائم ٿيل تلائن اندر بيٺل پاڻي پڻ سينوارجي سائو ٿي چڪو آهي.