فيس بڪ جي ٽيم سائبر ڪرائيم کي روڪڻ جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو

اسلام آباد: – فيس بڪ جي ٽيم سائبر ڪرائيم کي روڪڻ جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. فيس بڪ جي ايشيا پيسيفڪ هيڊ ڪوارٽر جي ٽيم امبرهاڪس جي سربراهي ۾ ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو.ڊي جي ايف آءِ اي واجد ضيا سان ملاقات ۾ سائبر ڪرائم بابت فيس بڪ جي ڊيٽا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. سائبر ڪرائم ونگ جي سربراهه احسان صادق سائبر ڪرائم جي حوالي سان پيش ايندڙ پريشانين کان آگاهه ڪيو.فيس بڪ ٽيم سائبر ڪرائم ونگ جي آفيسرن کي سوشل ميڊيا ٽيڪنڪ ۽ ٽرينڊ جي حوالي سان ٽريننگ فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي به اتفاق ٿيو ته ٻارن ۽ عورتن جي خلاف ٿيندڙ ڏوهن جي جاچ جي لاءِ چئني صوبن مان سائبر ڪرائم ونگ جو هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪيو وڃي جيڪو فيس بڪ جي ٽيم سان رابطي واري آفيسر جي طور تي خدمتون انجام ڏيندو.ان کان علاوه ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ سان رابطو وڌائڻ ۽ فيس بڪ جي پاليسي موجب سائبر ڪرائم کي روڪڻ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.