“فوزيا سومرو” وڇڙي آهين پر وسري ناهين: ابراهيم لاشاري

ارڙهين ورسي جي مناسبت سان

فوزيا سومرو سونهاري سنڌ جي اها فنڪاره هئي،جنهن راڳ جي دنيا ۾ پنهنجي هڪ ڌار ۽ منفرد سڃاڻ پيدا ڪئي. سندس تعلق ٿر سان هو.فوزيا سومرو 1966ع ڌاري ٿر جي شهر ويراواهه لڳ  تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ کارسر منجهه ناٿو خان سومري جي گهر ۾ اکيون کوليون. سندس اصل نالو حڪيمان هو. فوزيا سومرو جو والد ان زماني ۾ ٽنڊي محمد خان شهر ۾ فوجي شگرمل ۾ ملازم هو.ان لاءِ ٿر کان لڏي روزگار واري شهر ۾ گهر اڏيائين.فوزيا جي والد کي پڻ سنگيت سان محبنت هئي ۽ هو سريلي آواز جو پڻ مالڪ هو. هو پنهنجي آواز کي مسجدن منجهه مولود ، حمد ۽ نعتن پڙهي پنهنجي من جو سرور پورو ڪندو هو.فوزيا جو تعلق هڪ مذهبي گهراڻي سان هو،جنهن سبب ڪري هن کي فن جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏين ڏکيائيون کي منهن ڏيڻو پيو. هو هڪ گهريلو ۽ پردي دار چوڪري هئي.پر شوق کي پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي مٽن مائٽن کان لڪي ڇپي ننڍن ننڍن پروگرامن منجهه شادين ۾ سهرا ۽ خاص طور تي لوڪ گيت ڳائي پنهنجو شوق پورو ڪندي هئي. هڪ ڏينهن هن جي سهيلي گلزار زال انور سهتي صلاح ڏنس ته فوزيا توهان جو آواز تمام سريلو آهي،وڃي ريڊيو پاڪستان تي ڳاءِ بعد ۾ فوزيا ان سهيلي کي ساڻ ڪري وڃي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن ڏيڻ لاءِ پهتي. ان زماني ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پروگرام مينجر خواجا امداد علي ۽ موسيقي شعبي جو پروڊيوسر مرحوم انور بلوچ صاحب هو. فوزيا سومرو کي اهو جواب ڏئي آڊيشن نه ورتائون ته “توهان کي لئي سر تار جي ڪابه خبر ناهي، توهان کي صلاح ڏجي ٿي ته ڪنهن فن جي دنيا سان واسطو رکندڙ کان تربيت وٺي اچو) بعد ۾ فوزيا ان زماني جي ڍولڪ نواز ۽ سٺي شاعر غلام حسين ڪليري کان تربيت وٺي زبردست ڳائڻ سکي وري ريڊيو پاڪستان تي پهتي جتي خواجا امداد صاحب ۽ محترم انور بلوچ صاحب سندس آواز ۾ پهريون لوڪ گيت ( پائلي ڙي الا ، مون ڏي مارن مڪي پائلي ) رڪارڊ ڪيو .

تنهن بعد سال 1987ع ڌاري فوزيا سومرو کي سونهاري سنڌ جي عظيم انسان ناليواري براڊڪاسٽر ماکي کان به مٺڙي آواز جي مالڪ ، ريڊيو جي آواز  جي دنيا جي لفظن جو جادوگر  نصير مرزا ڏاڍي همت افزائي ڪئي ۽ سندس جي آواز ۾ ٻه ڪلام ( بي قدرا قدر نه ڪيئي ڪو ۽ ڇڏي ويا ساٿي سکن جا ) رڪارڊ ڪيا. جيڪي سڄي سنڌ ۾ مقبول ٿيا . فوزيا کي  راڳ جا سڀ گُر استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليري صاحب سيکاريا. ريڊيو تي گهڻي ڀاڱي فوزيا کي نصير مرزا صاحب رڪاڊ ڪيو ۽ سندس ڪلامن سنڌ جي جهر جهنگ وڏي مقبوليت ماڻي.تنهن بعد فوزيا پاڪستان ٽيليويزن تي به ڳائڻ جو شوق پرو ڪيو، جتي بيدل مسرور صاحب ڪلام ( جدائي جي غم ۾ گذارين متان ) رڪارڊ ڪيو پر فوزيا کي ٽي وي تي ڳائڻ جو موقعو گهٽ مليو.فوزيا سومرو ڪجهه لوڪ گيت به رڪارڊ ڪرايا، ڪيسٽ جي دنيا منجهه هن ٿر جي مختلف ٻولين مارواڙي ، ڍاٽڪي ، ۽ گجراتي ٻولين ۾ لوڪ گيت رڪارڊ ڪرايا بعد ۾ هن ٻه ٽي ڪيسٽون پڻ ان سلسلي جو ڪڍيون. فوزيا مائي ڀاڳي ٿر جي ڪوئل کان بعد ٻي مشهور فنڪاره هئي. جنهن ٿر جي لوڪ گيتن کي ٿر کان ٻاهر زبردست معتارف ڪرايو. تنهن هوندي به فوزيا جي سڃاڻپ لوڪ گيت نه پر عام ڪلام آهن.فوزيا سومرو سوين گيت ڳايا، سوين ڪيسٽون ڪڍيون. هن ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ سان گڏ سونهاري سنڌ جو نالو به روشن ڪيو.هن ڏيهه کانسواءِ پرڏيهه سعودي عرب ، قطر ، ڀارت ، دبئي ، شارجه ، سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن کي اجاگر ڪيو.فوزيا نون توڙي پراڻن شاعرن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ، سچل سرمت رح شيخ اياز ، بلاول اوٺو ، علي محمد اڏيرائي ، سائينداد ساند ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شاعرن کي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.هو 1993ع ڌاري ٽنڊي محمد خان جي مشهور زميندار طالب حسين (  حاجي مصري خان سٺيو ) سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي. جنهن منجهان هڪ نياڻي صدره ڪرن نالي آهي. فوزيا کي مڃتا طور ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو.فوزيا سومرو بڪين جي بيماري سان زندگي جا مسلسل ڏهه مهينا جنگ ڪئي پر بيماري ست ئي نپوري ڇڏيس. نيٺ هي سريلي سنڌ جي ڳائڻي 4 سيٽمبر 2002ع اربع جي ڏينهن 36 سال 8 مهينا ۽ 3 ڏينهن زندگي جا گذاري ، سر سنگيت جا سڀ ساز بند ڪري هزارين مداحن کي اڪيلو ڇڏي ابدي ننڊ آرامي ٿي .کيس ٽنڊي محمد خان جي سخي برهان شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس گيتن ۽ سنڌي موسيقي لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.اڄ سندس 18 ورسي تي کيس زبردست خراج پيش ڪجي ٿو